سان فرانسسڪو-26 آڪٽوبر(اي پي پي) واٽس ايپ، فيس ب??، انسٽاگرام ۽ ٽريڪس جي مالڪ آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا چيو آهي ته تازو ٽه ماهي دوران سندس خالص منافعو 11.6 ارب ڊالر رهيو جيڪو سا??ياني بنيادن تي (گذريل سا?? جي ان??ي مدي جي ڀيٽ ۾) ٻيڻ کان به وڌيڪ آهي. ان جو سبب ڪمپني جي آ??دني ۾ اضافو آهي. فرانسيسي خابرو اداري ڪمپني جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر مارڪ زڪربرگ طرفان گذريل ڏينهن جاري ٿيل رپورٽ جي حوالي سا?? ٻڌايو ته ٽن مهينن دوران ميٽا جي آ??دني 34 ارب ڊالر رهي جيڪا سا??ياني بنيادن تي 23 سيڪڙو وڌيڪ ۽ ان جو سبب فيس ب??، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جي آ??دني جو وڌڻ آهي. هن چيو ته فيس ب?? جي ماهوار صارفين جو تعداد 2022ع جي ان??ي مدي جي ڀيٽ ۾ معمولي اضافي سا?? 3.05 ارب رهيو، ميٽا جي فيملي ايپس جي ماهوار صارفين جو ڳاڻيٽو 3.96 رهيو جيڪو 2022ع جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، ان رپورٽ کي جاري ڪرڻ تي ڪمپني جي شيئرز جي قيمت 2 سيڪڙو وڌي 306.69 ڊالر في شيئر تي پهچي وئي.
آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا جي خالص منافعي ۾ ٽن مهينن دوران سالياني بنيادن تي ٻيڻ تي اضافو، ڳاڻيٽو 11.6 ڊالر رهيو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز