گڏيل قومون-21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل قومن ج?? پ??وگرام اينڊ ??وآ??ڊينيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊجي ويو. ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ گذريل ڏينهن ٿيل چونڊ دوران پاڪستان کي گڏيل قومن ج?? پ??وگرام اينڊ ??وآ??ڊينيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. گڏيل قومن جي اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل جي سفارش تي ڪيل اها چونڊ عالمي برادريءَ طرفان گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اثرائتي ڪرد??ر جي عڪ??سي آهي. پاڪستان 1973ع کان گڏيل قومن جي هن 34 رڪني ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي ۽ ٻيهر چونڊجڻ کان پوءِ پهرين جنوري 2024ع کان 3 سالن جي مُدي لاءِ ڪم ڪندو. ڪميٽي منصوبا بندي، پروگرامنگ ۽ رابطه ڪاري لاءِ ECOSOC ۽ جنرل اسيمبليءَ جي اهم ذيلي اداري طور ڪم ڪري ٿي. جنهن ۾ ترجيح?? پ??وگرامن جي سفارش ڪرڻ، قانونسازي ک?? پ??وگرامن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سفارشون ڏيڻ تي سيڪريٽريٽ جي رهنمائي، سڃاڻپ جي طريقيڪ??ر جي ترقي ۽ اي سي او ايس او سي جي ان ??وآ??ڊينيشن جي ڪمن ۾ مدد ڪرڻ شامل آهي. ڪميٽي اهم قانونسازيءَ جي فيصلن تي عملدرآمد جو وقت سر جائزو به وٺي سگهي ٿي.
پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل قومن جي پروگرام اينڊ ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊجي ويو
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر