نيو??ار??-29 مارچ (اي پي پي) آمريڪي عدالت ڊجيٽل ڪرنسي ايڪسچينج ۽ هيج فنڊ ايف ٽي ايڪس جي شريڪ باني سام بينڪ مين فرائيڊ کي ڊجيٽل ڪرنسي جي صارفين سان ڌوکي جي جي ڏوهه ۾ 25 سال ق??د جي سزا، 11 ارب ڊالر ادائيگي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. آمريڪي وڪيلن سام بينڪ مين فرائڊ کي تاريخ جي سڀ کان وڏي مالي فراڊ جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. بي بي سي موجب آمريڪي وڪيلن ان کي تقريبن 50 سال ق??د جي سزا ٻڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو جڏهن ته سام بينڪ مين فرائڊ جي وڪيلن ان کي 6 س??ل ق??د جي سزا ٻڌائڻ جي درخواست ڪئي هئي. ٻنهي پاسن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ نيو??ار?? جي جج ليول ڪپلان کيس 25 سال ق??د جي سزا ٻڌائي. جج ان موقعي تي چيو ته ان ڳالهه جو خطرو آهي ته ڏوهاري موقعو ۽ اختيار ملڻ تي مستقبل ۾ وڌيڪ ڏوهه ڪر?? سگهي ٿو ۽ هي ڪو معمولي خطرو ناهي. 32 سالن جي سام بينڪ فرائڊ مين کي نومبر ۾ به 7 ڪيسن ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي جنهن ۾ وائر فراڊ، سيڪيورٽيز فراڊ جي سازش ۽ مني لانڊرنگ جا الزام شامل آهن.
آمريڪا، ڊجيٽل ڪرنسي ايڪسچينج جي شريڪ باني سام بينڪ مين فرائيڊ کي فراڊ جي ڏوهه ۾ 25 سال قيد جي سزا، 11 ارب ڊالر ادائيگي جو حڪم
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا