گڏيل قومون-01 مئي (اي پي پي)گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريش خبردار ڪيو آيه ته ??فح تي اسرائيلي حملي سان موجوده ڇِڪتاڻ ۽ تباهيءَ ۾ ناقابل برداشت اضافو ٿيندو جيڪي نه رڳو فلسطينين لاءِ تباهه ڪُن ثابت ٿيندا پر اهي غزه ۽ ٻين علائقن تائين به پکڙجي سگهن ٿا. الجزيره مطابق هن چي?? ته واضح طور تي نظر اچي رهيو آهي ته ??فح ۾ ارائيلي فوج جو امڪاني زميني آپريشن هڪ اهڙي الميي کان گهٽ نه هوندو جيڪو لفظن کان ٻاهر آهي، اهو غزاه ۾ موجوده فلسطينين تي تباهه ڪُن اثر ڇڏيندو جنهن جا والاريل اولهندي ڪناري ۽ وچ اوڀر جي وسيع تر خطي تي سنگين اثر پوندا. ان ڪارروائيءَ سان وڌيڪ هزارين فلسطيني شهري اجل جو شڪار ۽ لکين لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا. انتونيو گوتيرش چي?? ته سلامتي ڪائونسل جا سمورا ميمبر ۽ ڪيترائي ملڪ واضح طور تي ??فح ۾ ان قسم جي امڪاني اسرائيلي فوجي آپريشن جي مخالفت ڪئي آهي. هن چي?? ته مان اسرائيل تي اثر رسوخ رکندڙ سمورن ملڪن کي اپيل ڪريان ٿ?? ته اهي غ??ه ۾ اسرائيلي فوجي آپريشن روڪرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪن. انتونيو گوتيرش اهو بيان بنجمن نيتن ياهو جي ان ڌمڪيءَ بعد جاري ڪيو آهي ته غ??ه ۾ جنگبنديءَ جو معاهدو هجي يا نه هجي، اسرائيلي فوج غزه پٽيءَ جي ڏاکڻي شهر ??فح تي هر صورت ۾ زميني حملو ڪندي. هوڏانهن گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري مارٽن گريفٿس چيو آهي ته ??فح ۾ امڪاني اسرائيلي حملي ۾ ايتري قدر تباهي ٿيندي جو ڪو انساني منصوبو ان جو مقابلو نه ڪري سگهندو.
رفح تي اسرائيلي حملي سان موجوده ڇِڪتاڻ ۽ تباهيءَ ۾ ناقابل برداشت اضافو ٿيندو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ