اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ??رثي واري وفاقي وزير سي??يٽ?? پرويز رشيد چيو آهي ته چئني صوبن مان اليڪشن ڪيمشن جي ميمبرن جي نالن کي حتمي شڪل ڏئي انهن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان وزيراعظم محمد نواز شريف کي خط لکي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن عمران خان جي تجربن کي سامهون رکون ها ته پاڪستا?? جو اليڪشن ڪميشن ڪڏهن به نه ٺهي ها، جيڪڏهن ٺهي به وڃي ها ته ٽٽي وڃي ها، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي نالن کي آئين ۽ قانون ??وج?? حتمي شڪل ڏني وئي آهي، اليڪشن ڪميشن جي انهن ميمبرن مان ٻن کي اڍائي سال ۽ ٻن کي 5 سالن جي لاءِ مقرر ڪيو ويندو جڏهن ته ان حوالي سان فيصلو ڪُڻن ذريعي ڪيو ويندو. چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي لاءِ قائم پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سي??يٽ?? پرويز رشيد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو.
اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي نالن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا