اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب پاڪستان پيپلزپارٽي جي شهيد اڳواڻ محترمه ??ينظير ڀٽ?? کي سندس ورسيءَ جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪند?? چيو آهي ته هن جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو هڪ سياسي اڳواڻ جي حيثيت سان جمهوريت جي لاءِ جنگ وڙهي جنهن ت?? اسان سڀني کي فخر آهي پر ڳڙهي خدا بخش ۾ سندس ورسيءَ تي جهڙي قسم جي سياسي سرگرمي منعقد ڪئي وئي اها انتهائي نامن??سب هئي، بلاول ڀٽ?? زرداري جو پارليامينٽ ۾ اچڻ خوش آئنده آهي پر کيس پنهنجي والده جي سياسي زندگي مان تمام گهڻو ڪجهه سکڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي پاران محترمه ??ينظير ڀٽ?? جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو کل جوڳو آهي، ايندڙ چونڊن ۾ عوام ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏيندي. هن مختلف نجي ٽي و?? چينلن سان ڳالهائيند?? چيو ته پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽ?? زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پاناما تي سياست ڪري رهيا آهن، پيپلزپارٽي محترمه ??ي ورسيءَ تي عوام کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ گڏ ڪيو.
مريم اورنگزيب پاران محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی