اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت کي سڄي ??لڪ ۾ خاص طور تي ڏورانهن علائقن ۾ بااعتماد ۽ سستي براڊبينڊ رابطي جي سهولت کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪ??مت ??لڪ جي سمورن حصن ۾ سستي اگهن تي براڊ بينڊ ج?? سهولتن جي فراهمي جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي ته جيئن ??لڪ جي ڏورانهن ۽ ڏکين علائقن ۾ عام ماڻهو کي ڊجيٽل سهولتون مهيسر اچي سگهن. هن اها ڳالهه هتي مقامي هوٽل ۾ وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا)، خيبر، مهمند ايجنسي ۽ ڊي آءِ خان ۾ پائيدار ترقياتي منصوبن لاءِ براڊ بينڊ ج?? معاهدي تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم يونيورسل سپورٽ فنڊ (يو ايس ايف) جي مدد سان ??لڪ جي قبائلي علائقن ۾ براڊ بينڊ ج?? سهولتن جي فراهمي جي ق??من کي ساراهيندي چيو ته ان سان ماڻهن کي انهن جي گهر جي چائنٺ تي جديد سهولتن جي فراهمي جي ذريعي شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن جي وچ ۾ فرق ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
وزيراعظم پاران وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن ۾ پائيدار ترقياتي منصوبن لاءِ براڊ بينڊ جي معاهدي تي صحيحن جي تقريب کي خطاب
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم