اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 19 – 2018ع جي لاءِ ٽيڪسن ۾ رعايت، عوامي سهولت، زراعت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ، بنيادي ڍانچي جي ترقي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافي ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ سماجي تحفظ جي قدمن تي ٻڌل 5661 ارب رپين جي ماپي ??ار?? وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس، هائوس رينٽ سيلنگ ۽ هائوس رينٽ الائونس ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. ناڻي ??ار?? وفاقي وزير مفتاح اس??اعيل قومي اس??مبلي ۾ ايندڙ مالي سال 19 – 2018ع جي وفاقي بجيٽ پيش ڪئي. ناڻي ??ار?? وفاقي وزير مفتاح اس??اعيل چيو ته اهو منهنجي لاءِ اعزاز آهي ته اڄ آئون پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي ڇهين بجيٽ پيش ڪري رهيو آهيان، پاڪستان جي قوم ۽ پارليامينٽ لاءِ هي هڪ تاريخي لمحو آهي،مشڪلاتن جي باوجود ا??ان جي حڪومت 13 سالن جي بلند ترين واڌويجهه جي شرح، گهٽ سطح تي ناڻي واڌ ۽ معاشي استحڪام حاصل ڪيو آهي ان لاءِ پوري قوم ۽ پارليامينٽ مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ هن قوم جو مقدس ??رض آهي. اهو پارليامينٽ تي لازمي آهي ته پنهنجي مدي جي خاتمي کان اڳ بجيٽ تي بحث تي ڪري ۽ ان کي منظور ڪري، بجيٽ جي منظوري کانسواءِ حڪومت هڪ ڏينهن به نه ٿي هلي سگهي.
وفاقي حڪومت پاران ايندڙ مالي سال 19 – 2018ع جي وفاقي بجيٽ پيش
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر