اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عيدالاضحيٰ 1440هه/2019ع جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پي??ام ۾ سمو??ن وطن واسين کي دلي عيدمبارڪ ڏيندي الله تعاليٰ کان دعا ڪئي آهي ته سڀني جي زندگي ۾ ان طرح جي خوشي ۽ موقعا بار بار ايندا رهن، هن چيو ته عيدالاضحيٰ حضرت ابراهيم عل??ه السلام پيروي ڪرڻ ۽ حضرت اسماعيل عل??ه السلام جي تسليم ۽ رضا جي يادگار آهي. اڄوڪي ڏينهن انهن عظيم شخصيتن پيروي ڪرڻ ۽ قرباني جي لازوال مثال پيش ڪئي هئي، قرباني جو جذبو هڪ اهڙو عمل آهي جنهن کانسواءِ دنيا ۾ ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، قرباني صرف جانور کي ذبح ڪرڻ جو نالو نه آهي پر ان جو مقصد انسان کي پنهنجي خواهشن کي اعليٰ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ قربان ڪرڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری