اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ سمورن مڪتبه فڪر جي عالم سڳورن سان مشاورت کانپوءِ جمعي نماز جو خطبو ۽ جماعت سان نمازن کي مختصر رکڻ، هٿ ملائڻ کان پاسو ڪرڻ، 21 مارچ کان سواءِ تربت ۽ گوادر جي سمورن عالمي ايئرپورٽس تي عالمي اڏامن جي اچ وڃ بحال ڪرڻ، کنڊ بحران جي جاچ ۾ آءِ ايس آءِ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو نمائندو شا??ل ڪرڻ ۽ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ اسٽريٽجي پيپر جي منظوري ڏني وئي آهي، بجيٽ خرچن جي ترجيحن ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي کانسواءِ احساس ۽ سماجي تحفظ، پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام، سرڪاري ملازمن جي پگهارن، هائوسنگ ۽ نئون ??اڪستان تحت مختلف قدمن، فوڊ سيڪيورٽي، هيلٿ، هايئر ايجوڪيشن، ٽوئرازم وغيره شا??ل آهن، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي زخمن تي مرهم رکنداسين، وزي??اع??م هدايت ڪئي ته سڄي دنيا ۾ موجود سمورن پاڪستانين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي. وزي??اع??م عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس کانپوءِ وزي??اع??م جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري، هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽ?? قبلا اياز سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته قومي سلامتي ۽ عوام جي ڀلائي جي حوالي سان ڪابينا اهم فيصلا ڪيا آهن.
وفاقي ڪابينا ۾ ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ غور ويچار ڪيو ويو: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب