اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن ??ينٽر کي صوبائي چيف ??يڪريٽرين سڄي ملڪ ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ لا?? ڊائون جي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ ٽارگيٽيڊ، سمارٽ لا?? ڊائون جي صورتحال، اين سي او سي ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد، آڪسيجن ۽ سيلنڊر جي درآمدم، وبا جي ڏس ۾ اهم طبي اوزارن جي ضروري ڪاٿي بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو. اين سي او سي پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته صوبائي حڪومتون پرائيويٽ ڪارپوريشنز ۽ آفيسن جي لاءِ نوٽيفڪيشن ??اري ڪن ته سمارٽ لا?? ڊائون وارن علائقن ۾ رهندڙ ملازمن کي آفيسن مان غيرحاضري تي ڪا سزا نه ڏني ويندي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا