اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان احساس راشن پورٽل، احساس لنگر، پناهه گاهه ايپس ۽ وزيراعظم ڪورونا رليف فنڊ ويب سائيٽ سميت ٻين (ويب سائٽس ۽ ايپس) احساس قدمن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ??نهن قدمن جو مقصد ڪوويڊ 19 بابت رليف جي قدمن جي سلسلي ۾ حڪومت ۽ س??ل سوسائٽي جي بهتر حصيداري ۽ تعاون کي يقيني بڻائڻ آهي، ??هي قدم شروع ڪرڻ جو بنيادي مقصد ڊونرز، فلاحي ادارن ۽ سرندي وارن کي سهولت ڏيڻ سان گڏوگڏ بااختيار بڻائڻ آهي ته جيئن ڪوويڊ 19 جي صورتح??ل ۾ اهي حڪومت سان وڌيڪ بهتر حصيداري تحت قدم کڻي سگهن. ان حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت ڪوويڊ 19 کان معاشري جي متاثر طبقن جي مدد ۽ س??ورٽ جي لاءِ عطيو ڪيل هر هڪ رپئي جي حوالي سان شفا??يت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته حڪومت انهن لاڳاپيل ايپس ۽ ويب سائٽس کي لائونچ ڪري شفا??يت جي حوالي سان ڊونرز کي اعتماد فراهم ڪري رهي آهي. نئين لائونچ ڪيل پي ??يم ويب سائٽ بابت هن چيو ته ان تي سمورن فائدو کڻندڙن جي فهرست شايع ڪئي ويندي. هن واضح ڪيو ته احساس پروگرام ۾ به شفا??يت کي يقيني بڻايو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ س??دس ٽيم جي احساس ڪيش پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته پروگرام تحت رقم جي شفاف ۽ موثر پهچ کي يقيني بڻايو ويو آهي.
وزيراعظم پاران احساس راشن پورٽل، احساس لنگر، پناهه گاهه ايپس ۽ وزيراعظم ڪورونا رليف فنڊ ويب سائيٽ جاري
مضمون کا ماخذ : bolão quina