غزه -28 نومبر (اي پي پي) قطر چي?? آهي، ته ڌرين ۾ غزه ۾ چئن ڏينهن جي جنگ بندي ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ تي اتفاق ڪي?? آهي. اها واڌ ڌرين وچ ۾ جمعي تي طئي ٿيل معاهدي تحت آخري 11 ا??رائيلن جي آزادي بعد ڪئي وئي. بي بي سي جي رپورٽ موجب اسرائيل جي اختيارين ٻڌاي?? آهي ته آزاد ٿيلن ۾ 3 سالن جا جاڙا ٻار ۽ سندن والده کان علاوه وڌيڪ 6 ٻار ۽ هڪ عورت ۽ سندس ٻار شامل آهن. قطر چي?? آهي، ته آزادي ماڻيندڙن ۾ فرانس، جرمني ۽ ارجنٽائين جي شهريت رکندڙ ماڻهو به شامل آهن. قيدين جي آمد جي تصديق ٿيڻ بعد اسرائيل جي جيل اٿارٽي چي?? آهي، ته 33 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو وي?? آهي. قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري ايڪس تي جاري بيان ۾ چي?? آهي، ته ڌرين وچ ۾ ٽياڪڙي دوران غزه ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن لاءِ انساني همدردي تحت جنگ بندي جو مدو وڌائڻ جو معاهدو طئي ٿي وي?? آهي. وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي صحافين کي ٻڌايو ته امريڪا غزه ۾ جنگ بندي ۾ واڌ جي آجيان ڪئي آهي. هن چيو ته يقينن اسان اميد ڪيون ٿا ته ان وقفي کي وڌيڪ وڌايو ويندو ۽ ان جو دارو مدار غزه مان يرغمالين کي آزاد ڪرڻ تي هوندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ان قدم کي جنگ جي اونداهين وچ ۾ اميد ۽ انسانيت جي هڪ جهلڪ قرار ڏن?? آهي. جرمني جي پرڏيهي وزير يرغمالين جي آزاد جي آجيان ڪئي جنهن ۾ ٻه جر??ن نوجوان به شامل آهن.
غزه ۾ چئن ڏينهن جي جنگ بندي ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل