سان جو?? _18 جنوري (اي پي پي )ڏکڻ ڪوريا جي ڪمپني سام ??نگ آرٽيفيشل انٽيليجنس فيچرز وارو جديد ترين گليڪسي سمارٽ فون پريميم ايس _24 الٽرا متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي . اي ايف پي مطابق سام ??نگ جي صدر ان موقعي تي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر سان جو?? جي سليڪون ويلي ۾ هڪ اسپورٽس سينٽر ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪئي . ان موقعي تي هن چيو ته مصنوعي ذهانت موبائل جي صنعت ۾ وڏي تبديلي آڻڻ واري آهي .مستقبل ۾ موبائل فون مصنوعي ذهانت تائين رسائي جو بنيادي پوائنٽ هوندو ۽ سام ??نگ ان حوالي سان قائداڻو ڪردارادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي . پريميم ايس -24 الٽرا ڪال دوران مختلف ٻولين جو ترجمو ڪرڻ جي صلاحت رکي ٿو ۽ ان ذريعي ٻه اهڙا ماڻهو به فون تي ڳاله??ون ڪري سگهندا جيڪي هڪ ٻئي جي ٻولي نٿا سمجهن . اها سهولت دنيا ۾ ڳالهائجندڙ 13 ٻولين لاءِ دستياب هوندي ۽ ان لاءِ ترجمي نگار کي سام ??نگ پنهنجي اي آءِ اي ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي تيار ڪيو آهي . فون ۾ گوگل سان واڳيل هڪ غير معمولي سرچ فنڪشن به ڏنو ويو آهي.ان فنڪشن جي استعمال سان صارف پنهنجي سامهون واري شخص جي ڪنهن به ٽيڪسٽ مان ڪنهن به اصتلاح يا تصوير کي دائرو لڳائي ڳولهي سگهندو. ان فون ۾ ميسيجنگ ۽ نيويگيشن جهڙو سسٽم به شامل آهي. ان سسٽم کي به مصنوعي ذهانت سان ڳنڍيو ويو آهي. آءِ فون – 15 جيان سام ??نگ جو پريميم ايس – 24 الٽرا ٽائينيم فريم سان گڏ آهي ـ ان جي شروعاتي قيمت 1299 ڊالر رکي وئي آهي.
سام سنگ اي آءِ فيچرز ۽ ڪال دوران ترجمو ڪندڙ گليڪسي سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II