اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف ??اڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ چيو آهي ته نوجوان اسان جو اثاثو آهن، اسان جو نوجوان نسل تمام گهڻو باصلاحيت آهي، ان کي صحيح رخ تي هلائي ملڪ کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪر?? سگهجي ٿو، نوجوان نسل حضرت محمد صه جي تعليم تي عمل ڪندي هڪ سٺي مسلمان ۽ خوداحتسابي سان پنهنجو پاڻ کي صحيح ڪري هن معاشري کي صحيح راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هو پاڪستان پازيٽو، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف ??اڪستان (اي پي پي) جي حصيداري سان ٻن ڏينهن واري ينگ ليڊرز سمٽ دوران ??رڪ?? ڪندڙن کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ سڄي ملڪ جي مختلف حصن مان شاگرد ۽ شاگردياڻين ??رڪ?? ??ئي. پازيٽو پاڪستان جي صدر عابد اقبال گهاري ٻن ڏينهن واري سمٽ جي افتتاح کانپوءِ تعارفي ويهڪ ۾ سمورن ??رڪ?? ڪندڙن سان تعارف ڪرايو ۽ ??رڪ?? ڪندڙن کي پازيٽو پاڪستان جي ويزن 2017ع بابت آگاهه ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف ??اڪستان (اي پي پي) جي ايم ڊي مسعود ملڪ چيو ته اڄ جي دور ۾ نئين نسل جي مثبت سوچ سڀ کان اهم ترين ڪم آهي، ان جي لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ پازيٽو پاڪستان جهڙين تنظيمن ۽ ٻين ڌرين کي پڻ ان نوعيت جي فورمن جي فراهمي ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته پازيٽو پاڪستان اسان جي نوجوانن ۾ مثبت سوچ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪري رهي آهي.
اسان جو نوجوان نسل تمام گهڻو باصلاحيت آهي: مسعود ملڪ
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون