اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ ۽ اڏاوتن جي شعبي بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس دوران پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه حڪ??مت پاران تعميراتي ۽ ترقياتي سرگرمين جي لاءِ سرڪاري اجازتنامن ۽ اين او ??يز جاري ڪرڻ جي لاءِ آن لائن پليٽ فارم فراهم ڪرڻ جي لاءِ قائم ڪيل و??ب پورٽل جي ڪم، خاصيتن ۽ ان جي موثر هجڻ بابت معاملن جو عملي طور تي جائزو ورتو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب هن و??ب پورٽل قائم ڪرڻ جو مقصد بلڊرز کي ڊيجيٽل خدمتن جي فراهمي، گهٽ کان گهٽ انساني مداخلت ۽ مق??ر مدي جي اندر تيزي سان درخواستن کي اڪلائڻ کي يقيني بڻائڻ آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته و??ب پورٽل درخواستن کي هڪ ئي وقت اڪلائڻ جي لاءِ سمورين آفيسن سان هڪ ئي وقت واڳيل آهي. چيف سيڪريٽري کي سڌوسنئون ڊيش بورڊ جي سهولت حاصل آهي ته جيئن هو درخواستن تي جاري عمل جي نگراني ڪري سگهي ۽ ڪنهن به قسم جي دير جو نوٽيس وٺي سگهي.
وزيراعظم پاران پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت پاران تعميراتي ۽ ترقياتي سرگرمين سان لاڳاپيل معاملن بابت اجلاس
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی