مڪو شريف- 23 جون (اي پي پي) حج جي فرض جي ادائيگي لاءِ سڄي دنيا مان آيل حاجي سڳورن مديني ش??يف ۽ مڪي ش??يف ۾ سعودي حڪومت طرفان فراهم ڪيل رهائش، کاڌي پيتي ۽ سفر جي بهترين سهولتن کي ساراهيو آهي. هلندڙ سال 1444هه ۾ پاڪستان سميت مختلف ملڪن مان 30 لک کان وڌيڪ حج جو فرض ادا ڪندا. سعودي حڪومت جي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف پا??پورٽ موجب خميس تائين 14 لک کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا فضائي، بري ۽ بحري رستن ذريعي ڀلي پا?? پهچي چڪا آهن، پاڪستان کان اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان روٽ ٽو مڪه پراجيڪٽ تحت 26 هزار کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا ڀلي پا?? پهتا آهن جنهن کي سعودي عرب جي حڪومت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت اميگريشن سميت ٻين سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي. سعودي حڪومت روٽ ٽو مڪه پراجيڪٽ تحت مختلف ملڪن جي حج پانڌيئڙن کي به سهولتون ۽ سهڪار فراهم ڪيو آهي، جنهن سان کين ڀلي پا?? پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي پيش نه آئي. حاجي سڳورن سعودي عرب جي فرمانروا ۽ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ وزيراعظم ۽ ??لي عهد شهزاد محمد بن سلمان طرفان حاجين جي ميزباني ۽ کين سهولتون فراهم ڪرڻ کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو ۽ خراج تحسين پيش ڪيو آهي جنهن سبب حاجي سڳورن کي مديني ش??يف ۽ مڪي ش??يف ۾ هر قسم جو سهڪار، رهنمائي جي سهولت مهيا ڪئي پئي وڃي. .
حاجي سڳورن پاران بهترين انتظامن تي شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ شهزاد محمد بن سلمان سان ٿورن جو اظهار
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino