ٽوڪيو -25 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ڏکڻ ڪوريا جي وزيراعظم کي ٻڌايو ته هو ڪنهن مناسب وقت تي چين، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي سالياني سربراهي اجلاس منعقد ??رڻ جي ٻيهر شروعات جو ارادو رکي ٿو. جاپاني خابرو اداري مطابق ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت جي هڪ اعليٰ سطحي عهديدار چيو ته صدر شي جن پنگ چيو ته ان جو ملڪ ٽه ڌري سربراهه ملاقاتن جي ٻيهر شروع ??رڻ جي ڏکڻ ڪوريا جي ڪوششن کي ??اراهي ٿو. هي سربراه ملاقاتون چئن سالن کان معطل هيون. ڄاڻايل عهديدار چين جي صدر جي بيان جو حوالو ڏنو آهي ته هڪ مناسب وقت تي سربراهه ملاقات جي منعقد ??رڻ جي آجيان ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڏکڻ ڪوريا جي وزيراعظم چين جي صدر کي ٻڌايو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لا??ِ ڏکڻ ڪوريا قدم کڻندو ته سربراهه ملاقات فوري طور تي منعقد ٿ?? سگهي. اطلاعن مطابق هن چيو ته ان جو ملڪ ايندڙ ڏينهن ۾ ڏکڻ ڪوريا جي دارالحڪومت سيئول ۾ هڪ اعليٰ سطحي ٽه ڌري ملاقات جي ميزباني ڪندي شروعات ڪدو. هن چيو ته ڏکڻ ڪوريا هل??دڙ سال جي آخر تائين اعليٰ سطحي ڳالهيون منعقد ??رڻ چاهي ٿو. ڏکڻ ڪوريا ايندڙ ٽه ڌري سربراهه اجلاس جي سربراهي سنڀالڻ وارو آهي. واضح رهي ته ڏکڻ ڪوريا جو وزيراعظم اڄ ڪلهه ايشيائي راندين جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ چين جو دورو ڪري رهيو آهي.
صدر شي جن پنگ جي چين، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا سربراهه اجلاس جي بحالي لاءِ حمايت
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil