واشنگٽن-09 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪا ۾ چونڊن واري ڏ??نهن دهشتگرد حملي جي ??ٿابندي تي افغانستان سان تعلق رکندڙ هڪ شخص کي اوڪلاهوما رياست مان گرفتار ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪا جي ??نصاف واري کاتي افغانساتن جي ناصر احمد توحيدي نالي شهري تي فرد جرم لاڳو ڪندي چيو ته اهو شخص داعش جي نالي تي حملي جي ??ٿابندي ڪري رهيو ه?? . ناصر احمد توحيدي 2021ع ۾ خصوصي اميگرنٽ ويزه تي آمريڪا ۾ داخل ٿيو ۽ اوڪلاهوما شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. اسپيشل اميگرنٽ ويزا پروگرام تي هڪ سال جي ??رصي ۾ 50 ماڻهو داخل ٿي چڪا آهن جيڪي افغانستان يا عراق ۾ آمريڪي فوج يا چيف آف مشن تحت ٽرانسليٽر طور ڪم ڪندا رهندا آهن. انصاف واري کاتي طرفان الزام ۾ اهو ناهي ٻڌايو ويو ته ناصر توحيدي افغانستان ۾ ٽرانسليٽر طور ڪم ڪري رهيو ه??. افغان شخص تي الزام لڳايو ويو آهي ته هن گادي واري شهر ڊي سي جي ڪيمرائن تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ آن لائن انفارميشن ج?? ڳولا ڪئي خاص طورتي انهن رياستن جي ??والي سان جتي هٿيارن لاءِ لائسنس جي ??رورت ناهي، لاڳاپيل شخص وائيٽ هائوس ۽ واشنگٽن مونيومينٽ جي ويب ڪيمرائن کي به آن لائن چيڪ ڪيو، ناصر توحيدي سان گڏ سندس ننڍي عمر جو هڪ ٻيو شخص پڻ ملوث آهي جنهن کي سومر ڏينهن آمريڪي جاچ اداري ايف بي آئي جي هڪ ڳجهي ايجنٽ کان ٻه رائفلز خريد ڪرڻ جي ??رادي سان ٿيل ملاقات بعد گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتاري بعد ناصر توحيدي اعتراف ڪيو آهي ته هو آمريڪا ۾ اليڪشن واري ڏ??اڙي هڪ وڏي ميڙ ۾ حملي جي ??ٿابندي ڪري رهيو ه??.
آمريڪا ۾ چونڊن واري ڏينهن دهشتگرد حملي جي رٿابندي ڪرڻ تي افغان شهري گرفتار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات