بيجنگ- 05 نومبر (اي پي پي) چين پنهنجي ملڪ ۾ سياحت ۽ عالمي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ويزا فري ملڪن جي لسٽ ۾ وڌيڪ 09 ملڪ شامل ڪيا آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا، ناروي، فن لينڊ، سلواڪيا، ڊينمارڪ، آئيس لينڊ اندورا، موناڪو ۽ ليڪٽنسٽائن جا شهري چين ۾ بنان ويزا جي داخل ٿي سگهندا. چين جي پرڏيهي وزارت موجب 8 نومبر کان انهن ملڪن جا شهري ڪاروباري، سياحت، خاندان جي ماڻهن س??ن ملاقات يا ٽرانزٽ لاءِ چي?? ۾ ??يزا بنا داخل ٿي سگهندا. اها پاليسي ايندڙ سال جي آخر تائين لاڳو رهندي جنهن کان پوءِ چي?? ۾ ??يزا فري لسٽ ۾ ڪل ملڪن جو انگ 25 ٿي ويندو. چين ڪورونا بعد گذريل سال کان غير ملڪي ش??رين تي لاڳو سفري پابندي ۾ نرمي ڪري رهيو آهي ته جيئن ملڪ جي معيشت ۾ بهتر ر??حان اچي ۽ آمريڪ??، يورپ ۽ ايشيائي ملڪن س??ن ڇڪتاڻ گهٽ ڪري سگهجي. ان کان اڳ فرانس ۽ جرمني سميت 16 ملڪن جي ش??رين کي ڪاروبار، سياحت، فيملي وزٽ ۽ ٽرانزٽ لاءِ 15 ڏينهن تائين بنان ويزا جي چين ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هئي. ٻئي پاسي آمريڪا، ڪينيڊا ۽ برطانيا سميت وڌيڪ 54 ملڪن جي ش??رين کي چين جي 37 داخلي بندرگاهن ۾ ڪنهن هڪ ذريعي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ ۽ بنان ويزا جي 72 يا 144 ڪلاڪن تائين ترسڻ جي اجازت آهي، ان شرط تي ته سندس وٽ ڪنهن ٻئي ملڪ جو آن ورڊ ٽڪيٽ موجود هجي. نيشنل اميگريشن ايڊمنسٽريشن موجب سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک کان به وڌيڪ پرڏيهين چين جو دورو ڪيو جيڪو هر سال 152 سيڪڙو جو اضافو آهي. هن س??ل جنوري ۾ جون تائين 85 لک کان به وڌيڪ ويزا فري سياحن جي ملڪ ۾ داخلا ريڪارڊ ٿي جيڪا اندروني ملڪ چين جي سفر جو 58 سيڪڙو بڻجي ٿي . جولائي کان سيپٽمبر جي عرصي دوران 81 لک کان به وڌيڪ پرڏيهين چين جو دورو ڪيو. انهن مان 49 لک ويزا فري انٽريون هيون.
چين جي ويزا فري ملڪن جي لسٽ ۾ وڌيڪ 9 ملڪ شامل
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa