اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراع??م محمد نواز شريف قوم کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته عيد الاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي پا??ستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمانن خاص طور تي ڪشميري عوام کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو هن هڪ دفعو ٻيهر هي مبارڪ موقعو عطا فرمايو. آئون دعا ڪريان ٿو ته توهان سڀني جي زندگي ۾ اهڙي طرح جي خوشي جا موقعا باربار ايندا رهن. وزيراعظم پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته عيد الاضحيٰ حضرت ابراهيم عليه السلام جي اطاعت ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي رب جي رضا کي تسليم ڪرڻ جي يادگار آهي. خانواده ابراهيم پنهنجي پرودگار جي خوشنودي جي لاءِ دنيا جي هر ??شتي کي قربان ڪيو ۽ هر موقعي تي الله تعاليٰ جي رضا کي ترجيح ڏني.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری