اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز ??ريف نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو 14 آگسٽ 2017ع تي افتتاح ڪرڻ جو اعلان ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته نئون هوائي اڏو پيشيواراڻي مهارت جو شاهڪار هوندو، ??نصوبي تي عملدرآمد ڪندي سمورن عالمي معيارن جي پيروي کي يقيني بڻايو وڃي. هن اها ڳالهه وزيراعظم هائوس ۾ ايوي ايشن معاملن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم کي بنون ۽ مانسهره سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ هوائي اڏن تي ڪم جي صورتحال ۽ اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ??يو ته نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اٽڪل 82 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ منصوبي کي مخصوص ڪيل مالياتي وسيلن جي اندر مڪمل ڪرڻ جي لا??ِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
مضمون کا ماخذ : پاور بال