اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ ان??اف واري وفاقي وزارت بئريسٽر سيد علي ظفر جي اڳواڻي ۾ پارليامينٽ ۾ پريزنٽيشن جي لاءِ ڪيترن ئي بلن جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي، جنهن تي نئين وفاقي ڪابينا غور ڪندي، جمعي ڏينهن هتي جاري بيان موجب قانون ۽ ان??اف واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر قانون ۽ ان??اف واري وزارت ۾ قانونن جي سڌارن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته ملڪ کي ان??اف ۾ دير جهڙو سنجيده مسئلو درپيش آهي ۽ ان سبب جي ڪري ڪيسن جو ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين فيصلو ناهي ٿيندو، هن چيو ته ان??اف ۾ دير جو مطلب ان??اف جي شڪست آهي، اها ڳالهه سول ڪورٽس ۾ فيصلي جي منتظر ديواني ڪيسن جي حوالي سان خاص طور ان لاءِ درست آهي ته سول ڪورٽس ۾ هڪ سول ڪيس جو فيصلو اچڻ ۾ ڪيترائي سال پر ڪيترائي ڏهاڪا لڳي ويندا ??هن، ان جي وڏن سببن ۾ قانون ۾ سڌارن جي گهٽتائي به شامل آهي.
قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت پاران پارليامينٽ ۾ پريزنٽيشن جي لاءِ مسودو تيار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں