اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ??ائ??سنگ، ڪنسٽريڪشن اينڊ ڊولپمينٽ ??اب?? نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، سيد ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان ??ائ??سنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، ايف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽريز ۽ سينئر آفيسر شريڪ ه??ا جڏهن ته سمورا چيف سيڪريٽري ۽ آباد جي نمائندن وڊيولنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ صوبي ۾ جاري تعمي??ات?? سرگرمين جي باري ۾ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 19 تعمي??ات?? منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 38 لک چورس فوٽ زمين تي اڏاوت ٿيندي، انهن اڏاوتن جي لاڳت 13.8 ارب روپيا آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ 30 ارب روپين جون معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون، اجلاس ۾ موجود آباد جي نمائندن عارف حبيب، عقيل ڪريم ۽ ٻين مختلف نجي تعمي??ات?? ڪمپنين طرفان تعمي??ات?? منصوبن، جن ۾ گهٽ آمدني وارن گهرن جي تعمير به شامل آهي، جي باري ۾ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، نمائندن وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي ۽ حڪومتي قدمن کي ساراهيندي چيو ته اعليٰ سطحي ڪميٽي جي قيام ۽ وزيراعظم طرفان هفتيوار اجلاسن ۾ اڳڀرائي جي جائزي جي نتيجي ۾ تعمي??ات?? منصوبن سان لاڳاپيل مرحلا نهايت خوش اسلوبي سان طئي ٿي رهيا آهن.
وزيراعظم جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽريڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ