دمشق-11 سيپٽمبر (اي پي پي ) شام جي گادي واري شهر دمشق ۾ سعودي عرب ??و سفارت خانو 12 سالن کانپوءِ ٻيهر کلي ويو آهي. عرب نيوز موجب سفارتخاني جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ??قريب ۾ شام جي حڪومت جي عهديدارن، سفارتڪارن، اهم شخصيتن ۽ اسڪالرز شرڪت ڪئي. سفارتخاني جي وقتي ناظم عبدالله الحارث ان موقعي تي چيو ته ??هو ڏينهن سعودي عرب ۽ شام وچ ۾ ناتن جي تاريخ جو اهم لمحو آهي. ??ند?? چوڻ هيو ته ??فارتخانو ۽ ان جو عملو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون استعمال ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ياد رهي ته ??عودي عرب ??ام ۾ پنهن??و سفارتخانو بند ڪري ڇڏيو هو، سال 2011ع ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿيڻ جي هڪ سال کان پوءِ مارچ 2012ع ۾ پنهنجي سموري عملي کي واپس گهرائي ورتو هو. شام گذريل سال رياض ۾ پنهن??و سفارتخانو ٻيهر کوليو هو. 6 ڊسمبر تي سعودي عرب لاءِ ڊاڪٽر محمد ايمن سوسان کي سفير مقرر ڪيو هو. هن 24 ڊسمبر تي پنهنجون سندون سعودي حڪومت کي پيش ڪيون هيون.
شام ۾ سعودي سفارت خانو ٻارهن سالن بعد ٻيهر کلي ويو
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث