بکر – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) نعرن بدران عوام جي خدمت ڪئي آهي، 5 سالا ڪارڪردگي جي بن??ا?? تي عوام جولاءِ 2018ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مسلم ليگ (ن) کي ووٽ ڏيندي، ايندڙ چونڊن ۾ لعنت موڪليندڙن ۽ خدمت ڪندڙن جي وچ ۾ مقابلو هوندو ۽ عوام باشعور آهي، اها خدمت ڪندڙن کي چونڊيندي. بکر ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ کانپوءِ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ??ندي وزيراعظم چيو ته اڄ تمام گهڻي خوشي آهي جو توهان جو پراڻو مطالبو پورو ٿيو، مون کي نواز ??ري?? جي خصوصي هدايت هئي ته 20 سالن کان جيڪو واعدو پورو ڪرڻ جو موقعو نه مليو اهو واعدو مڪمل ڪرڻ تي انهن کي مبارڪباد ڏيان، 7 ارب رپين جي لاڳت سان پل جو اهو منصوبو مڪمل ٿيندو ۽ ڪلاڪن جو سفر منٽن ۾ طئي ٿيندو، اها ٻن صوبن کي ڳنڍيندڙ پل آهي، مسلم ليگ (ن) سدائين صوبن کي ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪئي، فرق جي نه، ان کان اڳ جون حڪومتون ۽ آمريتون به اها پل نه ٺاهي سگهيون هيون جڏهن ته اهو مسلم ليگ (ن) ۽ نواز ??ري?? جي حصي ۾ آيو ته ملڪ ۾ ترقي جا منصوبا ڏي، ملڪ کي اڳتي وٺي هلي.
مسلم ليگ (ن) نعرن بدران عوام جي خدمت ڪئي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری