اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين ملڪ ۾ عدم برداشت ۽ عدم رواداري جي وڌندڙ رج??ان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو رويو ملڪ جي ل??ءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿيندو جنهن جي خراب اثرن کان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي ڪير به بچ?? نه سگهندو ۽ دهشتگردي جي خلاف قوم جون ڪاميابيون به ناڪامي ۾ بدلجي سگهن ٿيون. صدر اها ڳالهه ملڪ ۾ عدم برداشت جي وڌندڙ رج??ان تي ڏک جو اظهار ڪندي چئي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڄ آئون انتهائي ڏکويل دل سان پنهنجي قوم کي مخاطب آهيان. آئون محسوس ڪريان ٿو ته ملڪ ۾ عدم برداشت جو جيڪو رج??ان شدت پڪڙي رهيو آهي، قوم خاص طور تي نوجوانن کي ان جي تباهي کان خبردار نه ??يو ويو ۽ ان جي روڪٿام جي ل??ءِ پاڪستان حڪومت سان گڏ معاشري جي سمورن طبقن مڪمل هڪ جهڙائي سان تعاون نه ??يو ته ان جا نتيجا انتهائي خوفناڪ هوندا.
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná