اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل جي صدارت ۾ ملڪ ۾ فلمي صنعت جي بحالي لاءِ تجويزن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو. اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب اجلاس ۾ فلمي صنعت جي بهتري لاءِ موجوده حڪ??مت پاران کنيل مختلف قدمن ۽ ان مقصد جي لاءِ گهربل فنڊن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪ??مت فلمي صنعت جي بحالي کي اهميت ڏني ۽ فلم ذريعي ملڪ جو مثبت تشخص ۽ حقيقي ثقافتي سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ تي ڌيان ڏنو. هن چيو ته فلم ذريعي نه رڳو ملڪ جي وسيع ثقافتي تشخص کي اجاگر ڪر?? سگهجي ٿو پر دنيا جي ٻين ملڪن وانگر قومي معيشت ۾ پڻ فلمي صنعت اهم ڪردار ادا ڪر?? سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر