اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم غريب، لاچار ۽ پورهيت طبقي کي پناهگاهن ۾ باعزت طريقي سان ڇت ۽ بنيادي سهولتن جي فرا??مي جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته اسلام آباد جي ماڊل پناهگاهن جو دائرو ٻين صوبن تائين وڌايو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پناهگاهن جي پروگرام کي معيا??ي سهولتن سان ليس ڪرڻ ۽ پائيدار بنيادن تي هلائڻ جي لاءِ کنيل عملي قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر، وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثم??ن ڊار، پناهگاهه بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان، بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثم??ن ڊار ٽا??يگر فورس جي رضاڪارن پاران پناهگاهن جي دورن ۽ صورتحال جي حوالي سان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر شرڪت ڪندڙن کي پناهگاهن جي نظم ۽ ضبط کي وڌيڪ منظم ۽ پائيدار بڻائڻ ۽ پناهگاهن جي حوالي سان وزيراعظم جي ويزن کي عملي ج??معو پارائڻ جي لاءِ تجويز ڪيل تنظيمي ڍانچو پيش ڪيو. وزيراعظم عمران خان بي گهر ماڻهن خاص طور تي پورهيت طبقي کي پناهگاهن ۾ باعزت ۽ معيا??ي سهولتن جي فرا??مي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته پناهگاهن ۾ موجود عملي جي تربيت سان گڏوگڏ پناهگاهن ۾ دستياب سهولتن جو باقاعدگي سان جائزو ورتو وڃي. اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ 5 پناهگاهن کي ماڊل پناهگاهون بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وفاقي گادي واري شهر جي ماڊل پناهگاهن جي طرز تي ٻين صوبن جي پناهگاهن جي انتظآمي معاملن ۽ سرنديءَ وارن جي حصيدا??ي سان معيا??ي سهولتن جي فرا??مي کي يقيني بڻايو ويندو.
پناهگاهن ۾ باعزت طريقي سان ڇت ۽ بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ