اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اس?? قيصر چيو آهي ته اس??ن کي افغانستان جي موجوده صورتح??ل تي انساني همدردي تحت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوامي مفاد لاءِ جتي به ضرورت پئي ته قانونسازي ڪنداسين، هو موسمياتي تبديلي بابت ڪميٽي جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪري ره??و هو. ان موقعي تي اسپيڪر اس?? قيصر چيو ته پارليامينٽ جو ڪم صحيح معنيٰ ۾ عوام جي ئي نمائندگي ڪرڻ آهي، عوامي مفادن جي تحفظ لاءِ جتي به ضرورت پئي قانونسازي ڪنداسين، هن چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ ماهرن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، اس??ن زراعت جي ڪميٽي ۾ آبادگارن، سائنسدانن ۽ ماهرن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، موجوده اسيمبلي اهم قانونسازي ڪئي آهي، هن وقت تائين 94 بل منظور ٿي چڪا آهن ۽ 200 کان وڌيڪ بل ڪميٽين ۾ غور هيٺ آهن، اهڙي طرح نجي ميمبرن جا 16 بل به منظور ٿي چڪا آهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته موجوده پارليامينٽ محروم طبقي جي حوالي سان قدم کنيا آهن، خصوصي ماڻهن جي حوالي سان به قانونسازي ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته اس??ن کي افغانستان جي صورتح??ل تي انساني همدردي تحت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. افغانستان جي ماڻهن کي خوراڪ جي فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. افغانستان جي صورتح??ل تي پارليامينٽ جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هن چيو ته خيبرپختونخوا صوبي جي قبائلي ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي حوالي سان جيڪي واعدا ڪيا آهن انهن تي عملدرآمد جي حوالي سان پارليامينٽ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪندي.
عوامي مفاد لاءِ جتي به ضرورت پئي ته قانونسازي ڪنداسين: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná