اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي ميمبرن چيو آهي ته ڪش??يرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ان جي خواهشن موجب ملڻ گهرجي، ڪش??يرين سان گڏ بيٺل آهيون، 9 لک ڀارتي فوج 80 لک معصوم ڪش??يرين تي ??لم ڪري رهي آهي، موثر پرڏيهي پاليسي جي ڪري ڪش??ير جو مسئلو عالمي سطح تي اجاگر ٿيو آهي، خطي جي سلامتي ڪش??ير جي مسئلي سان جڙيل آهي، سيد علي گيلاني سميت سڀني حريت اڳواڻن آزادي جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا، ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڪش??ير ۾ گرفتار حريت اڳواڻن جي آزادي لاءِ عالمي تحريڪ هلائي وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ يوم يڪجهتي جي موقعي تي غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي تازي صورتحال کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته موثر پرڏيهي پاليسي جي ڪري ڪش??ير جو مسئلو عالمي سطح تي اجاگر ٿيو آهي، خطي جي سلامتي ڪش??ير جي مسئلي سان ڳنڍيل آهي. سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته يوم يڪجهتي ڪش??ير تي سڄي ملڪ ۾ مظاهرا، ريليون ۽ جلسا ٿيندا، سينيٽر فيصل سبزواري چيو ته ڀارت ڪش??يرين تي بيلٽ گنز جي استعمال سميت هر حربو استعمال ڪري رهيو آهي، ڪش??يرين کي پنهنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو حق ملڻ گهرجي. ڪش??يرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون، سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته مضبوط پرڏيهي پاليسي مضبوط معيشت سان جنم وٺندي آهي، سينيٽر اعجاز چوڌري چيو ته 9 لک ڀارتي فوج 80 لک معصوم شهرين تي ??لم ڪري رهي آهي، سيد علي گيلاني جي آزادي جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اوڀر تيمور کي حق ملي ٿو ته ڪش??يرين کي خودمختياري وارو حق ڇو نٿو ملي، سينيٽر حاجي هدايت الله چيو ته ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڪش??ير ۾ ڀارتي ??لم جي مذمت ڪريون ٿا، ڪش??يرين بابت گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل ڇو ناهي ٿيو، سينيٽر مشتاق احمد چيو ته ڀارت کي بدترين شڪست ٿي آهي، ڪش??ير پاڪستان جو حصو بڻجندو، عالمي سطح تي ڪش??ير جو مسئلو وڌيڪ موثر انداز ۾ کنيو وڃي، ان معاملي تي سڄي قوم متحد آهي. والاريل ڪش??ير ۾ گرفتار حريت اڳواڻن جي آزادي لاءِ عالمي تحريڪ هلائي وڃي. سينيٽر وليد اقبال چيو ته 9 لک ڀارتي فوج جو ظلم ڪش??يرين جي دلين ۾ انقلاب جو شعلو وسائي نه سگهي، عالمي سطح تي مختلف ملڪن تي الزام لڳائي اقتصادي پابنديون لڳايون وينديون آهن، پر ڪش??ير جي مسلمانن تي ٿيل ??لم ڪنهن کي نظر ناهن ايندا، سينيٽر فيصل جاويد چيو ته هندو عورت ميمبر ايوان جي اجلاس جي صدارت ڪئي ته جيئن اهو دنيا کي پيغام وڃي ته پاڪستان جو اهو چهرو آهي ته ڪهڙي طرح هتي اقليتن کي حق حاصل آهن، ٻي طرف ڀارت ۾ مسلمانن سميت اقليتن تي ??لم ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته ڀارت ۾ بابري مسجدکي شهيد ڪيو ويو آهي، وزيراعظم پاڪستان ڪرتار پور لنگهه جو افتتاح ڪيو آهي، سينيٽر رضا رباني چيو ته هڪ تصوير مان ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڪش??ير ۾ مزاحمت جو ڪلچر سامهون آيو جنهن ۾ هڪ ٻار پنهنجي ناني جي لاش سان گڏ ويٺل آهي، ڀارتي قبضي هيٺ ڪش??ير ۾ ??لم ٿي رهيا آهن، والاريل ڪش??ير جي آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڀارتي ??لم ۽ بربريت تي عالمي ادارا خاموش آهن، ڀارت کي خطي جو صوبيدار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪريون ٿا، سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته سينيٽر ڪيشو ٻائي جو ايوان جي اجلاس جي صدارت ڪرڻ خوش آئنده آهي، قبضي هيٺ ڪش??ير جي مسئلن تي حڪومت ۽ مخالف ڌر جو هڪجهڙو موقف آهي.
ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ان جي خواهشن موجب ملڻ گهرجي: سينيٽرز
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر