اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته مخالف ڌر پاران وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ سان عوام جو عمران خان تي اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، موجوده دور ۾ جيترا ترقياتي ڪم ٿيا، ان جو تاريخ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. اهڙن خيالن جو اظها?? هن صوابي ۾ عوامي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ آزاداڻي پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو. پاڪستان هڪ خودمختيار ۽ آزاد ملڪ آهي اسان ڪنهن کان ڊڪٽيشن نه وٺنداسين، اسان د??يا سان برابري جي بنياد تي لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ مخالف ڌر جو قانوني حق آهي پاڪستان تحريڪ انصاف ج?? قومي اسيمبلي ميمبر ان جو ڀرپور مقابلو ڪندا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اسان جي دور ۾ جيتري اسلامي قانونسازي ٿي ماضي ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته اسان جي دور ۾ پنجين در??ي تائين اسڪولن ۾ ناظره قرآن پاڪ ۽ ڏهين در??ي تائين قرآن پاڪ جو ترجمو شروع ڪيو ويو. هن چيو ته اسان جي حڪومت عالم سڳورن جي لاءِ وظيفو شروع ڪيو ۽ وياج جي خلاف قانونسازي ڪئي.
مخالف ڌر پاران وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ سان عوام جو عمران خان تي اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي: اسپيڪر اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں