اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته پاڪستان ۽ صوماليه جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا مضبوط بڻ??ئڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي ”لُڪ آفريقه پاليسي“ سان سمورن آفريقي ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ صوماليه جي عهدو ڇڏيندڙ سفير خديجه المخزومي سان الوداعي ملاقات دوران ڪي??. صدر او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ شرڪت تي صوماليه جو ٿورو ادا ڪي??، صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو، صدر صومالي پارليامينٽرينز کي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز پاران پارلياماني خدمتن جي پروگرام مان مستفيد ٿيڻ جي دعوت ڏني، صدر چيو ته صومالي شاگردن جو هڪ وڏو تعداد پهرين ئي پاڪستاني تعليمي ادارن ۾ تعليم پرائي رهيو آهي، پاڪستان ڪافي تعداد ۾ صومالي پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو ??هي ۽ ان جي پنهنجي گهرن ۾ محفو?? واپسي جو خواهشمند آهي. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي سفير جي خدمتن کي ساراهيو.
پاڪستان ۽ صوماليه ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری