اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام سڀ ڄاڻي ٿو، پنهنجي ڏوهاري کي سڃاڻي ٿي، معاشي تباهي جو چهرو صرف عمران خ??ن آهي، نواز شريف ۽ شهباز شريف جي د??ر ۾ سدائين مهانگائي ۽ ڪرپشن خ??م ٿي، نواز شريف، شهباز شريف ۽ ??اڪ??تان مسلم ليگ (ن) سدائين عوام کي رليف ڏنو آهي، عمران خ??ن جي معاشي ڏوهه جي سزا ??اڪ??تان جي عوام کي نٿا ڏيڻ چاهيون. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيٽرول جي قيمت وڌائڻ آسان آهي، پر اسان عوام کي وڌيڪ تڪليف کان بچائڻ چاهيون ٿا. عوام وڌيڪ غريب نه ٿئي. ان تي وڌيڪ بار نه پوي، ان لاءِ پيٽرول جي قيمت نه وڌائي رهيا آهيون. هن چيو ته عمران خ??ن کي پنهنجي معاشي ڏوهه جو بار کڻڻ ۽ جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته مهانگائي وڌائڻ مسلم ليگ ن جي لاءِ ان جي منشور جي خلاف آهي، مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف دهشتگردي جو خاتمو ڪيو، لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، مهانگائي گهٽ ڪئي، هن چيو ته مهانگي اٽي، مهانگي گئس، مهانگي بجلي، مهاگين دوائن جو حساب عمران خ??ن کي ڏيڻو پوندو، اطلاعات واري وفاقي وزير مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومتي دورن ۾ معاشي، اقتصادي ۽ شين جي قيمتن جي ڀيٽ پيش ڪندي چيو ته نواز شريف جي د??ر ۾ ڊالر 116 روپيا هو جنهن کي عمران خ??ن 189 روپين تائين پهچائي ڇڏيو، هن چيو ته 1947ع کان 2018ع تائين سڀني حڪومتن گڏجي 71 سالن ۾ 24953 ارب روپيا قرض حاصل ڪيو ان جي ابتڙ عمران خ??ن صرف ساڍا ٽن سالن۾ قرض کي 42745 ارب روپين تائين وڌائي ڇڏيو. مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف قومي ترقي جي شرح 6.1 سيڪڙو تي پهچائي، عمران خ??ن پهرين ان کي منفي ۾ پهچايو ۽ هاڻي 4 سيڪڙو متوقع آهي، هن چيو ته نواز شريف جي د??ر ۾ مهانگائي 3.9 سيڪڙو هئي، عمران خ??ن ان کي 13 سيڪڙو تائين پهچايو، نواز شريف جي د??ر ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 700 روپين جو هو جيڪو عمران خ??ن جي د??ر ۾ 11 سئو روپين جو ٿيو، نواز شريف جي د??ر ۾ کنڊ 52 روپيا في ڪلو هئي جيڪا عمران خ??ن جي د??ر ۾ 120 روپيا في ڪلو ٿي، نواز شريف جي د??ر ۾ گيهه 151 روپيا ڪلو هو عمران خ??ن جي د??ر ۾ 470 روپيا ڪلو ٿي ويو. نوازشريف جي د??ر ۾ بجلي جي في يونٽ قيمت 11 روپيا هئي جيڪا عمران خ??ن جي د??ر ۾ 24 روپيا ٿي وئي، نواز شريف جي د??ر ۾ گئس جي قيمت 600 روپ??ا ايم ايم بي ٽي يو هئي جيڪا عمران خ??ن جي د??ر ۾ 1400 روپ??ا ايم ايم بي ٽي يو ٿي وئي. اهڙي طرح نواز شريف جي د??ر ۾ ڀاڻ جي ٻوري جي قيمت 1380 روپيا هئي جيڪا عمران خ??ن جي د??ر ۾ 3 هزار روپين تائين وڪرو ٿي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي د??ر ۾ مالي خسارو 2260 ارب روپيا هو جيڪو عمران خ??ن 5600 ارب روپين تائين پهچائي ڇڏيو. جڏهن ته واپاري خساري مسلم ليگ(ن) جي د??ر ۾ 30.9 ارب ڊالر هو جيڪو عمران خ??ن جي د??ر ۾43 ارب ڊالر تائين پهچي ويو،هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي د??ر ۾ جي ڊي پي جي حساب سان ٽيڪس 11.1 سيڪڙو هو، يعني ٽيڪس وصولين ۾ اضافو ٿيو، عمران خ??ن جي د??ر ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪس گهٽ ٿي ڪري 9.2 سيڪڙو تي اچي ويو. مسلم ليگ (ن) جي د??ر ۾ بيروزگارن جو تعداد گهٽجي 35 لک رهجي ويو هو، جڏهن ته عمران خ??ن جي د??ر ۾ 60 لک ماڻهو بيروزگار ٿيا ۽ ڪل تعداد 95 لک ٿي ويو، هن چيو ته نواز شريف جي د??ر ۾ ??اڪ??تان ۾ ڪرپشن گهٽ ٿي، عالمي درجا بندي ۾ ??اڪ??تان 117 نمبر تي اچي ويو، عمران خ??ن جي د??ر ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽٽا، عالمي درجا بندي ۾ ??اڪ??تان 23 پوائنٽس مٿي ٿي ويو، هن چيو ته عمران خ??ن ٻڌائي؟ ??اڪ??تان ۾ ڪرپشن ڇو وڌي، 117 کان ??اڪ??تان 140 نمبر تي ڇو ويو؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ اليڪشن نه پر ملڪ ۾ صرف انتشار چاهي ٿي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??اڪ??تان جمهوري ملڪ آهي ان ۾ قومي سياسي، عوامي پارٽيون آهن. انهن جي مشاورت سان چونڊن جو فيصلو ٿيندو، عمران خ??ن ۽ ان جا حواري ??اڪ??تان ۾ هڪ ماڻهو، هڪ پارٽي ۽ هڪ سوچ جي حڪمراني چاهين ٿا، ائين نه ٿيندو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ پارٽي جي حڪمراني جو مطلب فسطائيت ۽ آمريت هوندو آهي. اهو بيان انهي منفي غير جمهوري سوچ جو اظهار آهي.
عوام سڀ ڄاڻي ٿو، پنهنجي ڏوهاري کي سڃاڻي ٿي، معاشي تباهي جو چهرو صرف عمران خان آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha