اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قلعه عبدالله ضلعي، بلوچستان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ بلوچستان حڪومت کي امدادي ڪاررواين کي تي?? ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن جي حوالي سان فوري طور تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ سبب ٻه بند ٽٽڻ ۽ نقصان جي مڪمل ڪاٿي کان??وء?? رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو جلد قلعه عبدالله جي ٻوڏ سٽيل علائقن ??و دورو پڻ ڪندو. هن هدايت ڪئي ته ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ترجيحي بنيادن تي محفوظ جاين تي پهچايو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي رهائش ل??ءِ خيما بستين ۽ کاڌي پيتي جي شين جو فوري انتظام يقيني بڻايو وڃي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز