اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف چيو آهي ته مشڪل جي هن ??هڙيءَ ۾ ترڪيه جي اعليٰ سطحي وفد جي يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان جي دوري سا?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي مضبوط رشتي جي عڪاسي ٿئي ٿي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي هدايت تي پاڪستان جو دورو ڪندڙ ترڪيه جي اعليٰ سطحي وفد سان ساڻس ملاقات ٿي آهي جيڪو گهرو وزير سليمان سوئلو ۽ ماحوليات، شهري معاملن ۽ ماحولياتي تبديلي واري وزير مرات ڪورم جي قيادت هيٺ پاڪستان جي دوري تي آهي. هن ??يو ته هي وفد اسان جي تاريخ جي مشڪل ترين گهڙيءَ ۾ يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان آيو آهي، ترڪيه جي مدد سان اسان کي وڏي طاقت ۽ اعتماد حاصل ٿيو آهي، اسان رجب طيب اردوان جا جيترا به ٿورا مڃون گهٽ آه??. ه?? چيو ته هن دوري سا?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي مضبوط رشتي جي عڪاسي ٿئي ٿي.
ترڪيه جي اعليٰ سطحي وفد جي يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان جي دوري مضبوط رشتي جي عڪاسي ٿئي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2