اوسته محمد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل انتونيوگوتريس ڇنڇر ڏينهن جعفرآباد ضلعي جي ٻوڏ سبب بري ??رح متا??ر علائقي اوسته محمد جو دورو ڪيو. بلوچستان جي چيف سيڪريٽري وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل کي چوماسي جي تازين برساتن ۽ ٻوڏ، ٻوڏ کانپوءِ سموري ??وبي ۾ امداد ۽ بحالي جي ڪوششن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل کي ٻڌايو ته بلوچست??ن ايراضي جي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڏورانهن علائقن تائين پهچڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، هن ٻڌايو ته ٻوڏ سبب بنيادي ڍانچي، رستن ۽ رابطي جي پلن کي شديد نقصان پهتو آهي، وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي، وفاقي حڪومت رليف جي سرگرمين ۾ صوبائي حڪومت سان سهڪار ڪري ??هي آهي تنهن هوندي به ايتري وڏي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالا مال صوبو آهي ۽ سندس حڪومت بلوچستان جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل کي ٻڌايو ته ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي ڪوششن لاءِ صوبائي حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن ٻوڏ متاثر ماڻهن جي امداد لاءِ عالمي برادري ک??ن امداد جي اپ??ل ڪئي، ان ک??ن اڳ اوسته محمد پهچڻ تي بلوچستان جي وقتي گورنر ۽ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل جو استقبال ڪيو. اي پي پي/ر – م/س – و 15:43
وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو ٻوڏ متاثر علائقي اوسته محمد جو دورو، چيف سيڪريٽري بلوچستان تفصيلي بريفنگ ڏني
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری