ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلين، وبائي مرضن ۽ وڌندڙ عدم برابري جهڙن ??ئل??نجن کي گڏ??ل قومن جي چارٽر موجب سمورين قومن جي ??عاون سان ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي 22 هين مملڪتي سربراهن جي ??جلاس جي موقعي تي چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي. اپريل 2022ع ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ چين جي ??در سان وزيراعظم شهباز شريف جي هي پهرين ملاقات آهي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم جي ماحول ۾ خوشگوار ڳالهه ٻولهه ٿي. پنهنجي ??جياڻي جملن ۾ چيني صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ”عمليت پسندي ۽ ڪارڪردگي رکندڙ شخصيت“ قرار ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم ”چين پاڪستان دوستي جي لاءِ پراڻو عزم“ رکندڙ اڳواڻ آهي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي ??مورن رخن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي ??هم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم صدر شي جن پنگ ۽ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ??يندڙ 20 هين سي پي سي قومي ڪانگريس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شنگهائي تعاون تنظيم پنهنجي گڏيل ويزن ۽ گڏ??ل قدرن کي علائقائي تعاون ۽ يڪجهتي جي ٺوس عملي منصوبن ۾ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ بهترين فورم فراهم ڪيو. چين پاڪستان پائيدار ٻطرفن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان جي هر موقعي تي آزمايل تذويراتي حصيداري آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرسپ ۽ مضبوط ڀائيچاري وقت جي ڪسوٽي جو مقابلو ڪيو. هن پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بلندين تائين وٺي وڃڻ جي پنهنجي ??اتي عزم کي ورجايو. وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي فراخدلاڻي ۽ وقت سر مدد تي صدر شي جن پنگ، چيني حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان چين جي ??مورن ڌرين پاران همدردي ۽ حمايت جي ??ظهار تي ٿورائتو آهي. ۽ اها اسان جي منفرد دوستي جي ??قيقي عڪاسي آهي. هن صدر شي جن پنگ سان 5 سيپٽمبر 2022ع تي سيوچوان صوبي ۾ ايندڙ زلزلي سان ٿيندڙ المناڪ جاني نقصان ۽ تباهي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي ??ڪومت ۽ عوام ان قدرتي آفت دوران چين سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جي پائيدار ترقي، صنعتي ترقي، زرعي جدت ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ پنهنجي ??ڪومت جي پاليسين کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي ??ماجي ۽ اقتصادي ترقي تي سي پيڪ جي مثبت اثرن کي ساراهيو. هن سي پيڪ جي ??رقي لاءِ پنهنجي ??ڪومت جي ??زم کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن ايم ايل ون ريلوي پراجيڪٽ جي فريم ورڪ معاهدي جي پروٽوڪول تي صحيحن جي ??جيان ڪئي. وزيراعظم تائيوان، تبت، سنڪيانگ ۽ هانگ ڪانگ سميت بنيادي مفاد جي ??مورن مسئلن تي پاڪستان جي چين سان مستقل ۽ اڻٿڪ حمايت کي ورجايو. هن پاڪستان جي ??ودمختياري ۽ علائقائي سلامتي، ايف اي ٽي ايف، قومي ترقي، ڪوويڊ 19 وبائي مرضن ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون تي چيني حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. وزيراعظم عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلي، وبائي مرضن ۽ وڌندڙ عدم برابري جهڙن ??ئل??نجن کي گڏ??ل قومن جي چارٽر موجب سمورين قومن جي ??عاون سان ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن صدر شي جي ويزنري پليٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽو کي ساراهيو، جنهن پائيدار ۽ گڏيل ترقي جي منفرد پاليسي کي دني?? ۾ ??تعارف ڪرايو. وزيراعظم ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??نگين صورتحال تي روشني وڌي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ڪرار تي چين جي ??صولي موقف تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن تازن دورن ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چين ڪميونٽي جي نئين عزم کي ورجايو. وزيراعظم صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي ??عوت ڏيندي چيو ته پاڪستاني عوام سندس شاندار استقبال جي منتظر آهي. دعوت کي قبول ڪندي صدر شي چيو ته هو جلد کان جلد وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي ??وري جو منتظر آهي.
موسمياتي تبديلين، وبائي مرضن ۽ وڌندڙ عدم برابري جهڙن چئلينجن کي گڏيل قومن جي چارٽر موجب سمورين قومن جي تعاون سان ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ