اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته جيو پوليٽيڪل تڪرار، ملڪي ۽ عالمي غير يقيني وارين حالتن عالمي ۽ ملڪي معاشي منظرنامي تي اثر انداز ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۾ غير معمولي برساتن ۽ شديد ٻوڏ سبب فصلن کي شديد نقصان پهتو آهي، جنهن سان ملڪ جي مجموعي اقتصادي منظرنامي تي ناڪاري اثر پيا آهن. مارچ 2022ع ۾ بين الاقومي تيل ۽ خوراڪ جي قيمتن ۾ تاريخي واڌ ٿي آهي جنهن جا اثر پاڪستان معيشت تي پڻ پيا آهن ۽ ملڪ ۾ مهانگائيءَ ۾ واڌ ٿي آهي. اها ڳالهه ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل ??اهوار اقتصادي اپ ڊيٽ ۾ ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت مطابق عالمي ماريڪٽ ۾ قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جي باوجود ايڊجسٽمينٽس جي قدمن ۾ دير سبب قيمتن ۾ واڌ جا اثر جاري رهي سگهن ٿا، ان کان علاوه رپئي تي دٻاءُ سبب پڻ قيمتن ۾ واڌ جو رجحان جاري آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته هاڻوڪي شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب قيمتي انساني جانين ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي، هن ٻوڏ ڪيترن ئي خاندانن کي سندن ملڪيت ۽ روزگار کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته ان سبب جاري ماري سال ۾ ملڪ جي اقتصادي پيش منظر غير يقيني واري آهي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ هدفن جي حاصلات ۾ مشڪل ٿيندي. ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ مطابق جو??اء?? کان آگسٽ جي مهيني ۾ پرڏيهه مان آيل ??اڻي جو ڳاڻيٽو 5.2 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل ????لي سال جي انهيءَ مُدي جي ڀيٽ ۾ 3.2 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل ????لي سال جي ان مُدي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين طرفان ڏيهه موڪليل ??اڻي جو حجم 5.4 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. جاري م??لي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ روانگي واپار ۾ 11.3 سيڪڙو جي شرح سان اؤسر ٿي آهي. جو??اء?? کان آگسٽ دوران ملڪي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 5.1 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل ????لي سال جي ان مُدي ۾ 4.6 ارب ڊالر هو. ملڪي آمدني واپار ۾ جاري م??لي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ 2.1 سيڪڙو جي شرح سان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري م??لي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ ملڪي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 11.1 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل ????لي سال جي ان مُدي ۾ 11.3 ارب ڊالر هو. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 1.9 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل ????لي سال جي ان مُدي ۾ 2.4 ارب ڊالر هو. انگن اکرن مطابق سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ جاري م??لي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ سالياني بنيادن تي 26.1 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري م??لي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ سنئين سڌي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 169.5 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل ????لي سال جي ان مدي ۾ 229.5 ملين ڊالر هو. پورٽ فوليو سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو ڪاٽو 25.1 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل ????لي سال جي ان مُدي ۾ 921.5 ملين ڊالر هو. مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ جاري م??لي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ 87.8 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري م??لي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 114.1 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو جيڪو گذريل ????لي سال جي ان مُدي ۾ 1.19 ميلن ڊالر هو. گذريل سال 28 سيپٽمبر تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 26.037 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو هلندڙ سال 28 سيپٽمبر تي 13.582 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. گذريل سال 28 سيپٽمبر تي ايڪسچينج ريٽ 169.97 رپيا هو جيڪو هلندڙ سال 28 سيپٽمبر تي 232.12 رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. انگن اکرن مطابق ايف بي آر جي محصولن ۾ جو??اء?? دوران 9.7 سيڪڙو جي شرح سان اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي. جو??اء?? ۾ ايف بي آر 948 ارب رپين جا محصول گڏ ڪيا، جيڪو گذريل سال جو??اء?? ۾ 864 ارب رپيا هئا. جو??اء?? جي مهيني ۾ نان ٽيڪس روينيو ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. هلندڙ سال جو??اء?? ۾ نان ٽيڪس روينيو جو ڳاڻيٽو 41 ارب رپيا رهيو جيڪو گذريل سال جول??ِ ۾ 47 ارب رپيا هو. سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام تحت جو??اء?? ۾ مختلف رٿائن ??اء?? 5 ارب رپيا جاري ڪيا ويا. گذريل سال جو??اء?? ۾ پي ايس ڊي پي تحت مختلف رٿائن ??اء?? 25 ارب رپيا جاري ڪيا ويا هئا. جاري م??لي سال جي پهرين مهيني ۾ مالياتي خسارو جو ڳاڻيٽو 210 ارب رپيا رڪارڊ ويو جيڪو گذريل سال جو??اء?? ۾ 238 ارب رپيا هو. مالياتي خساري ۾ جو??اء?? دوران سالياني بنيادن تي 11.7 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هلندڙ سال جو??اء?? ۾ پرائمري خسارو 142 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جو??اء?? ۾ ڪاٽو 5 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. جو??اء?? ۽ـ آگسٽ ۾ زريع شعبي ??اء?? 226.1 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا جيڪي گذريل ????لي سال جي ان مُدي جي ڀيٽ ۾ 31.8 سيڪڙو وڌيڪ آهن. گذريل ????لي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ زرعي شعبي ??اء?? 176.6 ارب رپين جا قرض جاري ڪيا ويا هئا. جو??اء?? ۽ آگسٽ ۾ صارفين ??اء?? قيمتن جو حساس اشاريو 26.1 پوائنٽ رڪارڊ ڪيو ويو هو جيڪو گذريل سال جو??اء?? ۽ـ آگسٽ ۾ 8.4 پوائنٽ هو. جو??اء?? ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار جو اشاريو ڪاٽو 1.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جو??اء?? ۾ 1.4 سيڪڙو هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو ڪيس اينڊ 100 انڊيڪس پهرين جو??اء?? تي 41435 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال پهرين جو??اء?? تي 41630 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو هو. مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن ۾ جاري م??لي سال دوران 2.16 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، ان جي ابتڙ نين ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ 1.65 سيڪڙو جي شرح سان ٿي آهي.
غير معمولي برساتن ۽ شديد ٻوڏ سبب ملڪ جي مجموعي اقتصادي منظرنامي تي ناڪاري اثر پيا آهن: ناڻي واري وزارت
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔