سرينگر – 27 – آڪٽ??بر (اي ??ي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ ڪارو ڏها??و ملهائي رهيا آهن، جنهن جو مقصد دنيا کي اهو واضح پيغام ڏيڻ آهي ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير ت?? غيرقانوني طور تي ۽ ڪشميرين جي امنگن جي خلاف قبضو ڪري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي ڪال ڪل جماعتي ??ري?? ڪانفرنس ڏني آهي. 27 آڪٽ??بر 1947ع تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي فوج جي جارحيت ۽ نريندر مودي جي شيطاني ڀارتي حڪومت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي مذمت لاءِ اڄ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا پيا وڃن. ڪل جماعتي ??ري?? ڪانفرنس سرينگر ۾ هڪ بيان ۾ ڪشميرين کي چيو ته اهي اڄ دنيا کي اهو باور ڪرائين ته ڪشمير کي ڀارت جي غلامي کان آزاد ڪرائڻ تائين اهي سک سان نه ويهندا. بيان ۾ چيو ويو ته 27 آڪٽ??بر ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ هڪ ڪارو ڏينهن آهي.
ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ڪارو ڏهاڙو ملهايو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز