سرينگر-27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين گذريل 75 سالن ۾ 4 لک کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ڪيو، ڪشمير ميڊيا سروس طرفان ڪالهه 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ چيو وي?? آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع کان ڀارت غير قانوني قبضي سان 35 لک کان وڌيڪ ڪشميري آزاد ڄمون ڪشمير، پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ هجرت تي مجبور ٿيا، رپورٽ ۾ چيو وي?? ته ڀارتي فوجين جنوري 1989ع کان 27 آڪٽوبر 2022ع ??ائين 96 هزار 140 ڪشميري شهيد ڪيا، جنهن ۾ 7 هزار 265 ڪشميرين کي حراست دوران وحشياڻي تشدد ۽ جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪيو وي??. ڀارتي فوجين ان عرصي دروان هڪ لک 65 هزار 293 ڪشميرين کي گرفتار ڪيو، هڪ لک 10 هزار 495 گهر ڊاهي پٽ ڪيا ۽ عمارتن کي تباهه ڪيو، ڀارتي رياستي دهشتگردي جي نتيجي ۾ 22 هزار 951 عورتون بيواهه ٿيون، جڏهن ته هڪ لک 7هزار 883 ٻار يتيم ٿيا، ڀارتي فوجين جنوري 1989ع کان هن وقت تائين 11 هزار 256 عورتن کي بي حرمتي جو نشانو بڻايو، رپورٽ ۾ سرينگر ۾ قائم هڪ ريسرچ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو وي?? ته والاريل ڪشمير ۾ مقرر ڀارتي فوجين جو انگ 15 لک هڪ هزار جي لڳ ڀڳ آهي، ڀارتي فوج جي جوانن جو تعداد 7 لک 50 هزار، پيرا ملٽري اهلڪا??ن جو انگ 5 لک 35 هزار، پوليس اهلڪا??ن جو انگ هڪ لک 30 هزار، اپيشل پوليس آفيس??ن جو انگ 35 هزار جڏهن ته 50 هزار وليج ڊفينس ڪميٽيون آهن، مجموعي طور اهو تعداد 15 لک هڪ هزار بڻجي ٿو.
ڀارت 75 سالن ۾ 4 لک ڪشميري شهيد ڪيا: رپورٽ
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری