استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر استنبول ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ميمبر ملڪن جي ترقياتي منصوبن ۾ بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته اي سي او بئنڪ سان پاڪستان جا پراڻا لاڳاپا ساراهه جوڳا آهن. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏ??ن پاڪستان مالي ۽ ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، هي امداد انتهائي اهم آهي. هن چيو ته ميمبر ملڪن جي ترقياتي منصوبن ۾ اي سي او بئنڪ جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. ملاقات دوران اي سي او ??ريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ک?? آگاهه ڪندي ٻڌايو ته بئنڪ پاڪستان کي 150 ملين يورو جو قرض ڏيندي. هن چيو ته اهو فنانشل پئڪيج ٻوڏ سٽيلن جي امداد ۽ تيل جي درآمد تي خرچ ٿيندو. وزيرا??ظم اي سي او بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز