اسلام ??با??– 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دماغي صحت جي حوالي سان وزيراعظم آفيس، منصوبابندي ۽ ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت ۽ ايوان صدر جي قدمن کي هڪ ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هڪ موثر مصنوعي ذهانت (اي آئي) تي ٻڌل هيلپ لائين تيار ڪري سڄي ملڪ جي وڌ کان وڌ ??با??ي کي ذهني مسئلن بابت مشاورت فراهم ڪري سگهجي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار دماغي صحت بابت فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن بابت قومي ڪميشن، صحت واري عالمي اداري، پاڪستان سائيڪولوجيڪل ايسوسيئيشن، پاڪستان سائيڪاٽراسٽ سوسائٽي، تسڪين هيلٿ انيشي ايٽو جي عهديدارن ۽ ميمبرن سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. هن چيو ته دماغي صحت جون سهولتون صحتمند معاشري ۽ ملڪ جي ترقي جي لاءِ اهم آهن. برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني نفسياتي ماهرن کي معياري ۽ پيشيواراڻا مشورا فراهم ڪرڻ جي لاءِ نظام ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. برطانيا ۾ پاڪستاني ڄاوا 2 هزار جي لڳ ڀڳ نفسياتي ماهر موجود آهن، جن کي سسٽم ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. دماغي صحت جو?? خدمتون فراهم ڪندڙ نظام کي صحت جي ادارن ۾ دستياب موجوده وسيلن سان ٺوس ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته خودڪشي کي هاڻي پاڪستان ۾ ڏوهه کان جدا ڪيو ويو آهي ۽ ان کي ذهني صحت جو مسئلو سمجهيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ذهني صحت جي خدمتن کي ??با??ي تائين پهچائڻ تي ڌيان ۽ اهميت ڏني پئي وڃي. لاڳاپيل ڌريون مالي ضر??رتن جو تعين، فني ضر??رتن، ماهرن جي خدمتن ۽ گهربل ضر??ري فزيڪل انفراسٽرڪچر کي نظر ۾ رکندي ڪري سگهن ٿيون. صدر چيو ته ذهني صحت فراهم ڪندڙ نظام کي جانچڻ، مڪمل طور ي فعال بڻائڻ کانپوءِ هڪ جامع ميڊيا مهم جي ضر??ر?? پوندي، نظام ۾ ڪالز کي رڪارڊ ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع طريقيڪار هجڻ گهرجي.
دماغي صحت جي حوالي سان وزيراعظم آفيس، منصوبابندي ۽ ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت ۽ ايوان صدر جي قدمن کي هڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی