اسلام آباد – 18 – جو??اء?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته راندين جي شعبي جي ??اء?? 5 ارب رپيا رکيا آهن، ٻيهر موقعو مليو ته تعليم، فني تعليم ۽ راندين جا ميدان ٺاهڻ جي ??اء?? جيترا وسيلا گهربل هوندا مهيا ڪنداسين، ن??جو??ن ڪنهن به ملڪ جو سرمايو هوندا آهن، محدود وسيلن جي با??جو?? ن??جو??نن راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، پوري قوم ملڪ جو نالو روشن ڪندڙن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ گذريل ڏينهن 60 ڪروڙ ڊالر جو اضافو ٿيو، دوست ملڪن جي معاونت سان معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن، ن??جو??نن جي محنت ۽ جدوجهد سان پاڪستان اڳتي وڌندو، ن??جو??نن جي ??اء?? جيترا وسيلا گهربل هوندا مهيا ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، بين الصوبائي رابطن وارو وفاقي وزير احسان الرحمان مزاري، وزيراعظم جي ن??جو??نن جي معاملن واري خاص معاون شزا فاطمه کانسواءِ رانديگرن جو وڏو انگ م??جو?? هو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته قوم جي فرزندن ۽ ڌيئرن پنهنجي محنت سان راندين جي ميدان ۾ نالو ڪمايو آهيج نهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. گهٽ وسيلن جي با??جو?? پنهنجي ٽرينرز، ڪوچ ۽ والدين جي دعائن سان پاڪستان جو دنيا ۾ نالو روشن ڪيو. پاڪستان ٻين ميدانن ۾ جيڪڏهن سستي ڏيکاري آهي ته انهن ن??جو??نن راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جو جهنڊو پوري دنيا ۾ بلند ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ 5 ارب رپين جو وزيراعظم فنڊ جو اعلان وفاقي وزير احسان الرحمان ڪيو. وفاقي وزير ۽ خاص معاون تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. ان 5 ارب رپين ۾ رانديگرن جي ٽڪيٽس، لاجسٽڪس، رهائش ۽ ڪٽس شامل هونديون. اهي 5 ارب رپيا پوري ملڪ جي ??اء?? اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهن. ڪروڙين ن??جو??نن کي جيڪڏهن صحيح ماحول ۽ سهولتون ملي ته دنيا جي بهترين ٽيمن کان اهي اڳتي نڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته ايندڙ حڪومتون ان بجيٽ کي وڌائينديون. پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ 60 ڪروڙ ڊالر جو گذريل ڏينهن اضافو ٿيو آهي. چين جي بئنڪ اها رقم رول اوور ڪئي، اها معمولي ڳالهه نه آهي، اسان احسان ڪندڙن کي ياد رکون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن. اسان جي دعا آهي ته انهن ذخيرن ۾ قرضن بدران اسان جي رت پگهر ۽ محنت سان اضافو ٿئي. اسپيشل اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ پنهنجي ٻارن کان اسان کي سبق ۽ همت حاصل ڪرڻ گهرجي. اهي ٻار هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائي رهيا آهن، انهن جي ئي محنت جي ڪري پاڪستان اڳتي وڌندو. وزيراعظم يقين ڏياريو ته جيڪڏهن الله ٻيهر موقعو ڏنو ته قوم جي انهن ڪروڙين ٻارن ۽ ٻارڙين جي تعليم، فني تعليم ۽ راندين جا ميدان ٺاهڻ ۽ سجائڻ ۾ جيترا وسيلا گهربل هوندا مهيا ڪنداسين. اهو سڀ الله ۽ ان کانپوءِ قوم جي هٿ ۾ آهي. وزيراعظم جي ن??جو??نن جي معاملن واري خاص معاون شزا فاطمه خواجه خطاب ڪندي چيو ته مسلم ليگ (ن) راندين جي فروغ کي پنهنجي ترجيحن ۾ رکيو آهي، شهباز شريف بطور وزيراعظم ڊپارٽمينٽل اسپورٽس کي بحال ڪيو آهي. حڪومت ٽيلينٽ هنٽ ڪرايا آهن. هن مهيني جي آخر ۾ قومي سطح تي مقابلا هوندا. اسپورٽس انيشي ايٽو تحت راندين جي فروغ ??اء?? 5 ارب رپيا رکيا ويا. انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪيو پيو وڃي ان ۾ هر سال اضافو ٿيندو. ان سان اڳوڻي رانديگرن کي به مالي امداد ملندي. فوري طور تي خرچ پورا ڪرڻ جي ??اء?? اڍائي ارب رپيا رکيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ پهرين اسپورٽس يونيورسٽي قائم ڪئي پئي وڃي. تقريب کي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير احسان الرحمان مزاري خطاب ڪندي چيو ته گذريل چار سالن ۾ راندين جي شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو. محدود وسيلن جي با??جو?? راندين جي شعبي جي بهتري جي ??اء?? قدم کڻي رهيا آهيون.ر اندين جو انفراسٽرڪچر بهتر بڻائڻ جي ??اء?? قدم کنيا پيا وڃن. اسپورٽس انيشي ايتو م??جو??ه حڪومت جي راند دوستي جو ثبوت آهي. وزيراعظم ان موقعي تي چترال سان تعلق رکندڙ ٽيبل ٽينس جي اسپيشل رانديگر الطاف الرحمان کي اسپورٽس ويل چيئر جي خريداري جي ??اء?? ساڍا 3 لک رپين جو چيڪ ڏنو. وزيراعظم اسپيشل اولمپڪس ۾ تمغو حاصل ڪندڙ رانديگرن کي 50 لک رپين جو چيڪ ڏنو. وزيراعظم ان موقعي تي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جو افتتاح پڻ ڪيو.
راندين جي شعبي جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا آهن، ٻيهر موقعو مليو ته تعليم، فني تعليم ۽ راندين جا ميدان ٺاهڻ جي لاءِ جيترا وسيلا گهربل هوندا مهيا ڪنداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری