گڏيل قومون – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسرائيل فلسطين تڪرار کي بامقصد ڳالهين واري ع??ل جي ذريعي حل ڪري. پاڪستان ج?? نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته والاريل علائقن ۾ لکين فلسطيني فوجي گهيراءُ ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ان اجلاس جي سربراهي سعودي عرب، عرب ليگ، مصر ۽ اردن گڏيل طور ڪئي. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪي به بامعنيٰ ۽ قابل عمل ڳالهيون فلسطيني ع??ام جي زندگين ۾ بهتري آڻي سگهن ٿيون. پاڪستان هڪ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين ج?? وچ ۾ ڳالهين ج?? ڀرپور حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته اها بدقسمتي آهي ته فلسطين ۾ اسرائيل ??ي جارحيت، فضائي حملا، بستين ج?? توسيع، فلسطينين ج?? بي دخلي ۽ بيت المقدس جي پائمالي جاري آهي. ڊگهي واري مدي واري پائيدار سياسي ع??ل ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ والاريل فلسطيني ع??ائقي ۾ اسرائيل پاران آبادڪاري جا قدم آهن ج??ڪا عالمي قانون جي خ??اف ورزي آهي. جليل عباس جيلاني وڌيڪ چيو ته اسرائيل جا اهي قدم ڳالهين ج?? لاءِ سازگار ماحول کي خراب ڪري رهيا آهن. هن واضح ڪيو ته پاڪستان ج?? ويزن وچ اوڀر جي سمورن ماڻهن ج?? لاءِ مذهب، نسل ۽ قوميت کان قطعي نظر پائيدار امن آهي.
عالمي برادري اسرائيل فلسطين تڪرار کي بامقصد ڳالهين واري عمل جي ذريعي حل ڪري: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات