برسلز – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ڪائونسل اي يو جي چيئرمين علي رضا سيد چيو آهي ته عالمي برادري ڄمون ۽ ڪشمير ??ي ڀارت جو غيرقانوني قبضو ختم ڪرائڻ ۾ مظلوم ڪشميرين جي مدد ڪري. ڪشمير ميڊيا سروس موجب برسلز ۾ ڪشمير ڪاري ڏينهن جي موقعي تي منعقد هڪ ويبنار کي خطاب ڪندي علي رضا سيد چيو ته ڀارت گذريل 76 سالن ک??ن ڄمون ۽ ڪشمير ??ي هڪ وڏي حصي تي قبضو ڪيو آهي. هر سال اسان ڪشمير ??ي ڀارتي قبضي جي ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهايون ٿا ۽ احتجاج ڪريون ??ا. ??ن چيو ته 76 سال اڳ ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير ??ي سرزمين تي غيرقانوني حملو ڪري قبضو ڪيو هو جيڪو اڄ به جاري آهي. هن چيو ته ڪجهه طاقتور ملڪ پنهنجي فوجي طاقت جو غلط استعمال ڪن ٿا ۽ عالمي ??صو??ن جي خلاف ورزي ڪندي ڪمزور قومن تي قبضو ڪن ٿا جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هجڻ گهرجي. علي رضا سيد چيو ته اسان عالمي برادري ۽ عالمي سول سوسائٽيز ک??ن ڄمون ۽ ڪشمير ??ي ڀارت جو قبضو ختم ڪرائڻ جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.
عالمي برادري ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جو غيرقانوني قبضو ختم ڪرائڻ ۾ مظلوم ڪشميرين جي مدد ڪري: ڪشمير ڪائونسل اي يو جو چيئرمين علي رضا سيد
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا