اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ??شم??رين پنهنجي سرزمين تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي رد ڪرڻ جي لاءِ 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن ملهايو. ??شم??ر ميڊيا سروس موجب ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي ڪال ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس دنيا کي اهو واضح پيغام ڏيڻ جي لاءِ ڏني هئي ته ??شم??ري پنهنج ملڪ تي ڀارت جي ناجائز قبضي کي رد ڪن ٿا. اهو 1947ع ۾ اڄ جو ڏينهن هو جڏهن ڀارتي فوجين ننڍي کنڊ جي ورڇ جي فارمولي کي نظرانداز ڪندي ۽ ??شم??ري عوام جي مرضي جي خلاف ڄمون ۽ ??شم??ر تي چڙهائي ڪري ان تي قبضو ڪيو هو. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ انتظاميا ماڻهن کي ڀارت مخالف مظاهرن کان روڪڻ جي لاءِ اڄ سرينگر ۽ ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڀارتي فوج ۽ پوليس جا اضافي اهلڪار مقرر ڪري ڇڏيا. انتظاميا سرينگر جي تاريخي جامع مسجد کي اڄ مسلسل ٽئين جمعي تي به بند رکيو ۽ ماڻهن کي مسجد ۾ جمعي نماز ادا ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. انتظاميا کي خدشو هو ته جامع مسجد ۾ جمعي نماز جو اجتماع ڀارت ۽ اسرائيل مخالف مظاهري ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق ۽ ناليواري عالم آغا سيد محمد هادي کي گهر ۾ نظربند ڪيو ويو ۽ انهن کي جمعي جي ميڙن کي خطاب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي. ??شم??ر ميڊيا سروس جي تحقيق واري شعبي پاران اڄ جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي فوجين 27 آڪٽوبر 1947ع کان هيستائين 5 لک ??شم??رين کي شهيد ڪيو آهي جن مان اڍائي لک کان وڌيڪ رڳو ڄمون خطي ۾ شهيد ڪيا ويا. قابض ڀارتي فورسز جي ظلمن جي ڪري 35 لک کان وڌيڪ ??شم??ري آزاد ??شم??ر، پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ هجرت تي مجبور ٿيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فوجين جنوري 1989ع کان هيستائين 96 هزار 2 سئو 62 ??شم??رين کي شهيد ڪيو آهي. حريت اڳواڻن ۽ تنظيمن پنهنجي بيانن ۾ يو ته ??شم??ر تڪرار گذريل 7 ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود آهي پر ان جي باوجود عالمي اداري جي ان مسئلي جي حل ۾ ناڪامي افسوسناڪ آهي. هن چيو ته ??شم??ر مسئلي کي ??شم??رين جي امنگن موجب حل ڪرڻ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا م پائيدار امن هرگز ممڪن نه آهي. ٻئي طرف 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي لاءِ آزاد ??شم??ر، پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ ڀارت مخالف مظاهرا، ريليون ۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪيا ويا. ڪل جماعت حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ??شم??ر شاخ ۽ ??شم??ر لب??يش?? سيل اسلام آباد ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جي ٻاهر ڀارت مخالف مظاهرو ڪيو جڏهن ته پاسبان حريت ڄمون ۽ ??شم??ر ۽ ٻين تنظيمن مظفرآباد ۽ آزاد ??شم??ر جي ٻين علائقن ۾ ريليون ڪڍيون. برطانيا جي قانونسازن ۽ ڪارڪنن برطانوي پارليامينٽ ۾ هڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ??شم??رين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏئي ??شم??ر تڪرار جي حل تي زور ڏنو. تحريڪ ??شم??ر برطانيا جي اهتمام هيٺ ڪانفرنس کي شيڊو منسٽر جيس فلپس، ??شم??ر بابت ڪل جماعتي پارلياماني گروپ جي چيئرپرسن ڊيبي ابراهيم، پارليامينٽ ميمبرن اينڊري?? يوگيوين، ڪم ليڊبيٽر، ياسمين ق??يش??، پال بلوم فيلڊ، محمد ياسين، ريچل هاپڪنز، لارڊ واجد خان، سائمن لائٽ ووڊ ۽ ??شم??ري ڪارڪنن مزمل ايوب ٺاڪر ۽ شائسته صف?? خطاب ڪيو. ڪاري ڏينهن جي مناسبت سان برسلز ۽ پيرس ۾ پڻ ويبنار منعقد ڪيا ويا. خطاب ڪندڙن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر جي مظلوم عوام کي غيرقانوني ڀارتي قبضي کان آزاد ڪرائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. ويبنار جو اهتمام ڄمون ۽ ??شم??ر ڊيموڪريٽڪ فورم فرانس ۽ ??شم??ر ڪائونسل يورپ ڪيو هو.
ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين پنهنجي سرزمين تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي رد ڪرڻ جي لاءِ 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن ملهايو
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا