اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت نجي ڪاروباري شعبي کي ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ سهولت فراهم ڪري رهي آهي، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪومت پاليسي?? جي تسلسل سان ملڪ ۾ صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان ماڻهن کي روزگار جا موقعا ۽ مجموعي معاشي ترقي جي ان سفر کي جاري رکندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن ج?? اظهار سينيٽر نعمان وزير جي قيادت ۾ پاڪستان ايسوسيئيشن آف لارج اسٽيل پروڊيوسرز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سينيٽر نعمان وزير، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر جميل احمد، ا??ف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ پاڪستان ايسوسيئيشن آف لارج اسٽيل پروڊيوسرز جا عهديدار ۽ خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ ٻين شعبن جا صنعتڪار پڻ موجود هئا. ن??را?? وزيراعظم چيو ته ن??را?? حڪومت پنهنجي مختصر عرصي ۾ پاڪستا?? جي معيشت جي بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا، حڪومت پنهنجي پاليسي?? جي ذريعي نجي ڪاروباري شعبي کي ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ سهولت فراهم ڪري رهي اهي، ن??را?? حڪومت ڪاروبار جي لاءِ موزون ماحول، نجي شعبي کي ملڪي ترقي ۾ ڪردار جي لاءِ سهولت ۽ ٽيڪس آمدني ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا، ن??را?? حڪومت نجي شعبي جي سهولت ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت قدم کنيا جن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪومت پاليسي?? جي تسلسل سان ملڪ ۾ صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان ماڻهن کي روزگار جا موقعا ۽ مجموعي معاشي ترقي جي ان سفر کي جاري رکندي. هن چيو ته ا??ف بي آر سڌار?? جي لاءِ ناڻي واري ن??را?? وفاقي وزير، ا??ف بي آر چيئرمين ۽ سمورن لاڳاپيل عملدارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن پاڪستان جو مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو، توهان ماڻهو اهڙا صنعتڪار آهيو جن مشڪل حالتن ۾ پاڪستان ۾ اعتماد کي بحال رکيو ۽ معيشت جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ن??را?? وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اسٽيل جي صنعت سان واڳيل سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ا??ف بي آر سڌارن ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ هي سيڙپڪاري جو بهترين موقعو آهي، پاڪستان ۾ اسٽيل جي صنعت سان واڳيل ڪمپنين کي ملڪ ۾ ڪچي لوهه جي نئين ذخير?? جي ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن ن??را?? حڪومت جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سهولت، صنعتڪار?? جي مسئل?? جي حل، ا??ف بي آر ۾ سڌارن ۽ ملڪي معيشت جي بحالي جي لاءِ قدمن تي ن??را?? وزيراعظم ۽ ن??را?? وفاقي ڪابينا جي ميمبر?? جي ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اسٽيل ۽ ٽامي جي وڏي پئماني جي صنعت جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته اسٽيل ۽ ٽامي جو شعبو پاڪستان جو چوٿون وڏو برآمدي شعبو آهي جنهن گذريل مالي سال ۾ رڳو ٽامي جي روانگي واپار جو ڪاٿو 1.35 ارب ڊالر رهيو، پاڪستان ۾ اسٽيل جي سالياني في ڪس کپت 40 ڪلو??را?? آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان شعبي ۾ ترقي جي وسيع صلاحيت موجود آهي، پاڪستا?? جي اسٽيل صنعت مان ٽيڪس جو ساليانو ڪاٿو 400 ارب رپيا آهي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ٽامي جي صنعت سان ملڪ ۾ هزار?? جي انگ ۾ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. شرڪت ڪندڙن ن??را?? حڪومت جي اسٽيل جي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو جن سان ملڪ جي صنعت کي ڀرپور فائدو پهتو. ملاقات ۾ اسٽيل جي صنعت جي مسئلن ۽ انه?? جي حل جي لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. ن??را?? وزيراعظم ا??ف بي آر ۽ لاڳاپيل وزارتن کي انهن تجويزن تي غور ڪري انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.
حڪومت نجي ڪاروباري شعبي کي ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ سهولت فراهم ڪري رهي آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا