اسلام آباد- 07 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم ??ذير تارڙ چيو آهي ته ملڪي معيشت جو دارومدار سياسي استحڪام سان آهي، جيڪو ملڪ اقتصادي طور تي مستحڪم هوندو اهوئي ترقي ڪندو، سياسي استحڪام معاشي استحڪام سان ڳنڍيل آهي، پينشن ??يف??رمز تي ڳالهه ٿي رهي آهي، ساليانو خرچن جو وڏو حصو رٽائر ملازمن جي پينشن ۾ نڪري ويندو آهي. اهڙن خيالن جو اظها?? هن پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽرز ۾ وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ محمد اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير، اعظم ??ذير تارڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت آهي ته حڪومتي سطح تي ٿيندڙ سمورو ڪم عوام سان شيئر ڪيو وڃي، بنيادي ڍانچي ۾ سڌارا اسان ج?? ايجنڊا جو حصو آهن. معاشي استحڪا?? سياسي استحڪام سان ڳنڍيل هوندو آهي. هن چيو ته عالمي مالياتي فنڊ جو مطالبو آهي ته ٽيڪس نيٽ کي وڌايو وڃي، وزيراعظم ايف بي آر ۾ سڌارن جي ذميواري کنئي آهي، ايف بي آر جي ??يف??رمز ج?? ايجنڊا ترجيحن ۾ آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو اهو مطالبو به آهي ته بجلي جي چوري کي روڪيو وڃي، سڌارن جي حوالي سان وزيراعظم سڀني کان ايف بي آر جي بريفنگز ورتي آهي، 27 سؤ ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس ڪيس عدالتن ۾ التوا هيٺ آهن. عدالتن ۾ التوا هيٺ ٽيڪس بابت ڪيسن تي فوري فيصلا ٿيڻ گهرجن، پارليامينٽ ٽيڪس ٽربيونل بابت پهريون قانون پاس ڪيو آهي، بجلي چوري جي روڪٿا لاءِ ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته معيشت جي بحاليءَ ۾ ايف بي آر جو اهم ڪردار آهي.
ملڪي معيشت جو دارومدار سياسي استحڪام سان آهي، جيڪو ملڪ اقتصادي طور تي مستحڪم هوندو اهوئي ترقي ڪندو: اعظم نذير تارڙ
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون