اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت بين المذاهب هم اهنگي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ٻڌمت جي اڳواڻن جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. وفد پرڏيهي وزارت جي اهتمام هيٺ هڪ سمپوزيم ۽ ”گنڌارا کان ??نيا تائين“ جي عنوان ??ان هڪ نمائش ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان ??ي دوري تي آهي. وفد ۾ سريلنڪا جو ٻڌا ساسنا، مذهبي ۽ ثقافتي معاملن ??ار?? وزير ود??را وڪر??ا نائيڪا، ويٽنام مان ٿيچ ڊڪ ٽوان، ٿائيلينڊ مان ??نيل ساڪيا ۽ نيپال مان ڊاڪٽر ڪيشبمن ??اڪ??ا شامل هئا. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪئي. هن سمپوزيم ۾ انهن جي شرڪت تي ٿ??را مڃيا جيڪو ويساک ڊي جي سلسلي ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي جيڪو مهاتما ٻڌ جي پيدائش، روشن خيالي ۽ لاڏاڻي جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي پنهنجي ٻڌمت جي قديم ورثي تي فخر آهي جيڪو ٻه هزار سال اڳ گنڌارا آرٽ ۽ ثقافت جي شڪل ۾ اتر اوڀر پاڪستان ۾ پروان چڙهيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت بين المذاهب هم آهنگي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي. هن بين المذاهب هم آهنگي ۽ افهام تفهيم جي فروغ جي لاءِ ٻڌمت جي عالمن ۽ راهبن جي اڻٿڪ خدمتن جو پڻ اعتراف ڪيو. ٻڌ اڳواڻن سمورن مذهبن جي لاءِ شموليت ۽ احترام جي ثقافت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم جي عزم کي ساراهيو. هن ٻڌمت جي ورثي جي جاين ۽ ثقافتي شين جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ پاڪستان ??ي ڪوششن کي ساراهيو. وفد جي ميمبرن پاڪستان ۾ ٻڌمت جي ورثي جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ پاڪستان ??ان ??عاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم ۽ وفد بين المذاهب مڪالمي ۽ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ ٻڌ اڪثريتي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ علمي مٽاسٽا جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل افهام تفهيم ۽ تعاون جون راهون ڳولڻ ۽ وڌيڪ هم آهنگي ۽ عالمي امن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ان ??لسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي لاءِ هڪ گڏيل فورم قائم ڪرڻ جي امڪان ??ي خاص طور تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ مذهبي معاملن ??ار?? وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت ??ار?? وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ شرڪت ڪئي.
حڪومت بين المذاهب هم اهنگي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا